Friday , April 19 2024

سڄي ملڪ ۾ سوا لک ايڪڙ بي نامي زمينون ۽ پلاٽ موجود، سنڌ پهرين نمبر تي

سڄي ملڪ ۾ سوا لک ايڪڙ بي نامي زمينون ۽ پلاٽ موجود، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ بي نامي زمينون هجڻ جو انڪشاف، ڄامشورو، سانگهڙ، خيرپور، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ سکر ضلعا نمايان

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) بي نامي بئنڪ اڪائونٽس کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 25 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ بي نامي زمين هجڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ بي نامي زمينون سنڌ ۾ موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ملڪ ۾ بي نامي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ ٿيڻ ۽ قيمتي ملڪيتن کانپوءِ انڪشاف ٿيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سوا لک ايڪڙ زمين به بي نامي ملڪيتن ۾ شامل آهي. ڪجهه مهينا اڳ وزيراعظم پاران ملڪ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کان بي نامي زرعي زمينن سميت آباد توڙي غير آباد اهڙين زمينن جي رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو جيڪي بي نامي هجن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطاب سن ڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب توڙي گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن جي ڊي سيز پاران اهڙي رپورٽ تيار ڪري لاڳاپيل اختيارين معرفت وزيراعظم عمران خان کي اماڻي وئي آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 25 هزار کان وڌيڪ زمينون بي نامي آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ بي نامي ملڪيت واري زمين سنڌ ۾ آهي.

سنڌ سان واسطو رکندڙ هڪ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو ته، بي نامي زمينن ۾ رڳو زرعي زمين شامل ناهي، ان ۾ خالي پيل غير آباد زمين، قومي شاهراهه، انڊس هاءِ وي، مهراڻ نيشنل هاءِ وي سميت مختلف اهم رستن جي ٻنهي پاسن کان غير آباد پيل زمينون به شامل آهن، مختلف ضلعن ۾ صنعتن، تعليمي ادارن، صحت جي شعبي جي مختلف منصوبن(هاسپيٽلز سميت)  بابت مخصوص ڪيل زمينن ۾ به ايڪڙن جي حساب سان اهڙيون زمينون  موجود آهن جيڪي بي نامي آهن، پر انهن جا مالڪ انتهائي بااثر سياستدان، بااثر ڪامورن، ۽ ڪجهه صنعتڪارن جون به اهڙيون زمينون آهن. هن ٻڌيو ته، ڪراچي کان حيدر آباد تائين نيشنل هاءِ وي( موٽروي)، ڄامشوري ضلعي، دادو، خيرپور ميرس، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، سکر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن ۾ اهڙيون زمينون موجود آهن.، سندس چوڻ هو ته رپورٽ تيارين کانپوءِ يا ان دوران ڪجهه ماڻهن اهڙيون بي نامي زمينون مختلف ماڻهن جي نالن تي ڪيون ويون آهن. جن کي زمينون سستي اگهه تي وڪرو ٿيل ڄاڻايون ويون آهن. ياد هجي ته ڪجهه مهينا اڳ وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي سموري م لڪ جي ڊي سيز کان بي  ناميدار ملڪيتن خاص طور تي زمينن بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اهو به چيو ويو هو ته رپورٽ نه ڏيندڙ ڊي سيز خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پي ٽي آءِ  سرڪار سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *