Wednesday , April 24 2024

سپر هاءِ وي تي ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي فوت

حيدر آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) ڄامشورو ٽول پلازا ويجهو سپر هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين جو واسطو نوابشاهه آهي. حيدرآباد ويجهو ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوابشاهه جي ڳوٺ محمد بخش رند جا رهواسي 8 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي ويا. حادثي جو اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن لاش ڄامشورو منتقل ڪيا.ڪراچي کان نوابشاهه ويندڙ ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نوابشاهه جي ڳوٺ محمد بخش رند جي رهواسي ٽن ٻارڙن ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا نبي بخش ۽ ساجد زخمي ٿي پيا آهن. حادثي سبب 6 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، زخمين کي سول اسپتال نيو پئي ويو ته وڌيڪ ٻن زخمين دم ڌڻي حوالي ڪيو.حادثي سبب فوت ٿيلن ۾ نعيم الله، قدير، صابر، نبيده، فيروزه، فريده ۽ محمد بخش شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *