Friday , March 29 2024

سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي پٽ، ڌيءُ ۽ ناٺي کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار)    نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري معاملي ۾ پرويز مشرف جي پٽ بلاول، سندس ڌيءُ عاليه ۽ ناٺي عاصم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 11 جولاءِ تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم، نيب پرويز مشرف ۽ سندس گهر واريءَ کي 10جولاءِ تي پيش ٿيڻ لاءِ سمن جاري ڪري چڪي آهي. نيب راولپنڊي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي پٽ بلال، سندس ڌيءُ ۽ ناٺي کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو. ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب نيب راولپنڊي ۾ ڪرپشن ۽ اربين رپين جا اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب راولپنڊي جي جاچ آفيسر ملڪ زبير ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي ڪٽنب کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو. نيب راولپنڊي پاران اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي پٽ بلال، ڌيءُ عائله ۽ ناٺي عاصم کي 11 جولاءِ تي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ سمن جاري ڪيو ويو. نيب پرويز مشرف ۽ سندس گهر واريءَ کي 10جولاءِ تي پيش ٿيڻ لاءِ اڳ ئي سمن جاري ڪري چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *