Friday , April 19 2024

سپريم ڪورٽ پاران 2013 ۾ ٿيل چٽاڀيٽي وارو امتحان رد،227 نوجوانن جو ڇا ٿيندو؟؟

supreme court

سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 2013ع ۾ ڪرايل چٽاڀيٽي وارو امتحان مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ فيصلي چيو آهي ته، ڪامياب قرار ڏنل 227 اميدوارن کان ٻيهر امتحان ورتو وڃي، جنهن اداري جو چيئرمين ئي نااهل آهي ان ۾ امتحانن جي ڪهڙي حيثيت رهجي وڃي ٿي.

سپريم ڪورٽ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين واري مقرري بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 2013 ۾ ورتل چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون چيئرمين هڪ مهيني اندر مقرر ڪري، 2013 ۾ ورتل چٽاڀيٽي وارو امتحان ٻيهر ورتو وڃي.

سپريم ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، 2813 اميدوارن کان 193 خالي پيل جاين لاءِ ٻيهر امتحان وٺي مقررين کي شفاف بڻايو وڃي.

  جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو.

SPSC3

عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو ته ڪميشن جي اسڪريننگ ٽيسٽ جي قانوني حيثيت برقرار رهندي، اهليت تي پورو لهندڙ ميمبرن کي چئن هفتن اندر ڪميشن ۾ مقرر ڪيو وڃي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته چٽا ڀيٽي جي لکت واري امتحان ۽ انٽرويوز ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ثابت ٿيون هيون، تنهن ڪري سمورا نتيجا رد ڪيا وڃن ٿا.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري کانپوءِ اڳ شائع ٿيل اشتهار جي بنياد تي جيترو جلد ممڪن هجي  ٻيهر ڪميشن جو امتحان ورتو وڃي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته اميدوارن کان ڪا به واڌو فيس يا خرچ نه ورتو وڃي، جيڪڏهن اميدوارن جي عمر وڌي وئي آهي ته اهي به امتحان ۾ ويهي سگهن ٿا.

لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو نتيجا سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپرايا وڃن، هر مضمون جون مارڪون اميدوار جي رول نمبر سان گڏ ڏنيون وڃن. گھٽ ۾ گھٽ پاس ٿيڻ جي لاءِ گهربل مارڪون کڻندڙ اميدوارن کان به انٽرويو ورتا وڃن، انٽرويو وٺندڙ ڪميشن جي سمورن ميمبرن کي مارڪون ڏيڻ جو هڪ جيترو حق ڏنو وڃي.

SPSC1

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته، چيئرمن يا سينيئر ميمبر کي وڌائي مارڪون ڏيڻ جو اختيار نه هجي، ڪميشن وٽ هڪ الڳ رڪارڊ هجي جنهن ۾ هر انٽرويو وٺندڙ طرفان ڏنل مارڪون هجن، جن تي انٽرويو وٺندڙ ميمبر جي صحيح ۽ تاريخ  لڳل هجي.

فيصلي ۾چيو ويو ته انٽرويو جا تفصيل به ائين جاري ڪيا وڃن جئين لکت واري امتحان جي حوالي سان حڪم جاري ڪيو ويو آهي……

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *