Saturday , April 20 2024

سپريم ڪورٽ پاران توهين مذهب ۾ آسيه بي بي کي مليل موت جي سزا ڪالعدم قرار،آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ، توهين مذهب ڪيس آسيه بي بي کي مليل موته جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت 8 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن صبح جو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾، جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس مظهر عالم تي مشتمل ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ 8 آڪٽوبر 2018 تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي آسيه بي بي جي اپيل تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلو چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار پڙهي ٻڌايو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته، آسيه بي بي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ پوليس کي گهربل نه آهي ته کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ مختصر فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ ڪيس بابت 56 صفحن تي مشتمل لکت وارو فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو، سڄو فيصلو چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار لکيو آهي، جنهن ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا هڪ ڌار نوٽ به لکيو آهي. واضع رهي ته مسيحي برادري سان واسطو رکندڙ آسيه بي بي 2010 کان توهين مذهب واري ڪيس کي منهن ڏئي رهي هئي، جنهن ۾ ٽرائل ڪورٽ کيس ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.

آسيه بي بي ڪيس جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جنهن تحت ئي سنڌ حڪومت به صوبي اندر هاءِ الرٽ جاري ڪري چڪي آهي. ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد به رات کان ئي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ذريعن ۽ ميڊيا رپورٽس مطابق سيڪيورٽي خدشن سبب فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي. ججز انڪيلو ۽ ڊپلوميٽڪ انڪليو جي به سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن ۽ انهن جي سيڪيورٽي رينجرز جي حوالي ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ پاران اهم فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان، سنڌ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، نوٽيفڪيشن جاري

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *