Friday , March 29 2024

سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت رکندڙنون سينيٽرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو وڃي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين واري ڪيس ۾ نون چونڊيل سينيٽرز مان چئن سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس، جسٽس، ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ، ججن ۽ سول سرونٽس جي ٻٽي شهريت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بڌڻي دوران چيف جسٽس نون چونڊيل سينيٽثرز ۾ 4 سينيٽرز جي به ٻٽي شهريت هجڻ جو معاملو سامهون اچڻ تي سندن ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻڌو آهي ته هلندڙ چونڊن کٽن وارا ڪجهه سينيٽر ٻٽي شهريت رکن ٿا. جسٽس ثاقب نثار چيو ته سپريم ڪورٽ  جو ڪو جج ٻٽي شهريت وارو نٿو ٿي سگهي، جيڪو ماڻهو پڪڙيو ويو سرڪاري آفيسر نه رهندو. چيف جسٽس جي ريمارڪس ۾ چيو ته هن وقت تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته ٻٽي شهريت رکڻ ڏوهه آهي يا نه پر يقين آهي ته ٻٽي شهريت وارا ماڻهو مفادن جو ٽڪراءُ ٿي سگهن ٿا.

جسٽس ثاقب نثار چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن وٽ پاڪستان جا راز هجن يا ڪنهن جي خلاف نيب جا ڪيس هلي رهيا هجن. ٻڌڻي دوران نقيب الله قتل ڪيس ۾ مفرور معطل ايس ايس پي رائو انوار جو به ذڪر ٿيو. چيف جسٽس چيو ته رائو انوار جو معاملو به ڏسڻو آهي، هن وٽ اقامو آهي، هو ٻٽي شهريت ۾ اچي ٿو يا نه؟ جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ ڪيترا ماڻهو ٻٽي شهريت رکن ٿا؟ وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي به وٺي اچو ۽ هو ان حوالي سان پنهنجي رپورٽ پيش ڪري. عدالتي حڪم تي وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن عدالت کي ٻڌايو ته بارڊر ميجيمنٽ سسٽم سان ٻٽي شهريت جي خبر پئجي سگهي ٿي. عدالت ڊي جي ايف آءِ اي جي سربراهي ۾ ڪميٽي بڻائي جنهن ۾ نادرا چيئرمين، ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ شامل آهن جڏهن ته ڪميٽي ۾ اسٽيبلشمنٽ ڊويزن گهرو وزارت جون اختياريون به شامل هجن. ان تي چيف جسٽس چيو ته اسان ڪميٽي بڻائينداسين ته ڪيترن ڏينهن ۾ رپورٽ ايندي. نادرا چيئرمين عدالت کي ٻڌايو ته سڃاڻپ نمبر ملي وڃي ته آفيسرن جي نائيڪوپ جي خبر پئجي سگهي ٿي. عدالت ٻڌڻي دوران 43 ڊويزنن جي سيڪريٽرين کي طلب ڪري ورتو جنهن تي سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 43 ڊويزنن ۾ 22 جي لڳ ڀڳ وزارتون شامل آهن. پنجاب ۾ 64 سول سرونٽس ٻٽي شهريت رکن ٿا جڏهن ته سنڌ ۾ 5، خيبرپختونخواهه ۾ 9، بلوچستان ۾ 8، آزاد ڪشمير ۾ 28، گلگت بلتستان ۾ هڪ سول سرونٽ ٻٽي شهريت وارو آهي. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته نون چونڊيل چار ئي سينيٽر پي ٽي آءِ جو چوڌري سرور، ن ليگ جو هارون اختر، نزهت صادق ۽ سعديه عباسي ٻٽي شهريت وارا آهن جنهن تي چيف جسٽس چئني سينيٽرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *