Saturday , April 20 2024

سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف مذهبي جماعتن جو سڄي ملڪ احتجاج، ڌرڻا

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاران آسيه بي بي کي توهين مذهب ڪيس ۾ آيل سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي  ويو آهي، اسلام آباد جي فيض آباد انٽر چئنج، ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي، نمائش چورنگي ۽ ٽاور سميت مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن. توهين مذهب ۾ موت جي سزا خلاف آسيه بي  بي جي اپيل تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌايل فيصلي خلاف تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا شروع ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽس مطابق اسلام آباد جي فيض آباد انٽر چئنج تي ٽي ايل پي جا ڪارڪن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن، جن هن جي نتيجي ۾ اين دڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ سهراب ڳوٺ، نمائش چورنگي ۽ ٽاور جي علائقن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪري شهر جي مختگلف علائقن ۾ زبردستگي ڪاروبار بند ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته مختلف علائقن مان اطلاع آهن ته ٽي ايل پي جي ڪارڪنن دوڪان بند نه ڪرڻ تي شهرين کي تشدد جو به نشانو بڻايو آهي. سپر هاءِ وي تي احتجاج جي نتيجي ۾ حيدرآباد – ڪراچي ٽريڪ بند ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ به معطل ٿي وڃڻ ڪري هزارين گاڏيون بيهجي ويون آهن.

ميڊيا رپورٽس مطابق پنجاب جي قصور ۽ سرگوڌا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ڌرڻا به هنيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ پاران توهين مذهب ۾ آسيه بي بي کي مليل موت جي سزا ڪالعدم قرار،آزاد ڪرڻ جو حڪم

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *