Friday , March 29 2024

سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي ڇنڊ، اوهان رڳو ڪنڌ پيا لوڏيو؛ٻاهر نڪرو ته مسئلا ئي مسئلا آهن: جسٽس گلزار احمد

ڪراچي ( رپورٽر  سننڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سنڌ جي حالت خراب آهي، دنيا جي ڏهين نمبر وڏي شهر ڪراچي کي هاڻي نه سنڀاليو ويو ته ڪڏهن به سنڀالجي نه سگهندو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ مستقل ميونسپل ڪمشنر جي مقرري ڪرڻ واري معاملي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. سنڌ حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته توهان ماڻهو ڪهڙي نموني حڪومت هلائي رهيا آهيو. سنڌ جي حالت خراب ڪئي وئي آهي، ڇا ان لاءِ حڪومت ڏني ويندي آهي؟ هن چيو ته ڪراچي جو شمار دنيا جي 10 وڏن شهرن ۾ ٿيندو آهي پر شهر کي ايڊهاڪ تي هلايو پيو وڃي، جنهن شخص کي وقتي ميونسپل ڪمشنر بڻايو ويو آهي تنهن جي ڪابه خبر ناهي، هن عمارت مان ٻاهر نڪرو ته مسئلا ئي مسئلا آهن، اها صورتحال اسان لاءِ قبولڻ جوڳي ناهي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪنهن کي احساس ناهي ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪراچي کي نه سنڀاليو ويو ته ڪڏهن مالڪي نه ٿي سگهندي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ته پنهنجي عزت جو خيال ڪيو. ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمري ٻڌايو ته مان سنڌ سرڪار سان ڳالهايان ٿو، معاملو حل ڪيو ويندو. جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان ڪنڌ لوڏي رهيا آهيو، ڪجهه نه ڪندا، ڇا سمورو ڪم عدليه تي وڌو ويو آهي، هي ڪراچي نه بم آهي توهان ڇو سمجهي نه رهيا آهيو؟ عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته شهر ۾ قبضن جو ذميوار ڪير آهي، قبضا ڇڏائڻ بعد پلاٽن جو ڇا ڪيو ويو، حفاظت ڪير ڪندو، پلاٽن کي گرين بيلٽ ۾ تبديل ڪندا وڃو، جيڪي باقي رفاعي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا آهن اهي ڪڏهن ختم ڪرايا ويندا. هن چيو ته فوٽ پاٿن تي ساوڪ ڇو نه ٿي رهي آهي اها ڪنهن جي ذميواري آهي، اسان ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ نه ويٺا آهيون، حڪومت جي مدد لاءِ ويٺل آهيون.

ڪي ڊي اي جي وڪيل چيو ته ماسٽڙ پلان کان وڌيڪ تفصيل طلب ڪيا آهن، سالن جو ڪم آهي ڪجهه وقت ڏيو. اسان وٽ مشينري جي کوٽ آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته دنيا ڪٿان کان ڪٿي هلي وئي آهي ۽ توهان وٽ مشينري ناهي، توهان ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيا آهيو، جيڪڏهن مشينري ناهي ته ادارا بند ڪيو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواب ڏنو ته مان اهو معاملو حل ڪيان ٿو، ڪي ڊي اي کي وسيلا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جلد معاملو حل ڪيو ويندو. جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان ڇا ڪندا، ڇڏيو چيف سيڪريٽري کي هاڻي ئي طلب ڪيو. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته چيف سيڪريٽري کي شديد بخار آهي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪيئن هلي رهي آهي؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *