Saturday , April 20 2024

سپريم ڪورٽ توهين مذهب جي الزام هيٺ سزا مليل آسيه بي بي جي سزا خلاف ٻڌڻي ڪندي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ) توهين مذهب الزام هيٺ سزا مليل آسيه بي بي کي مليل سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي،چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني خاص بئنچ 15 هين آڪٽوبر تي اپيل جي ٻڌڻي ڪندي. ڊان ڊاٽ ڪام مطابق سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پنهنجي سربراهي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسه ۽ جسٽس مظهر عالم خان تي ٻڌل ٽن ججز واري بئنچ جوڙيندي آسيه بي بي جي اپيل تي ٻڌڻي لاءِ بئنچ قائم ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ 15 هين آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. واضع هجي ته آسيه بي بي کي 2010 ۾ توهين مذهب (اسلام) جي الزام ۾ لاڳاپيل عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي. آسيه ۽ سندس وڪيلن جو موقف هو ته، جنهن  آسيه تي توهين مذهب جو الزام هنيو هو ان جو ساڻس ذاتي تڪرار هو ۽ اها هن کان بغذ ( نفرت/ ساڙ) ڪندي هئي.  آسيه بي بي تي الزام هو ته هُن جون 2009 ۾ هڪ عورت سان جهيڙي دوران توهين مذهب ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *