Friday , March 29 2024

سٽي اسڪول حيدر آباد ۾ شاگردياڻي جو استادن جي موجودگي ۾ شڪي آپگهات

سٽي اسڪول قاسم آباد حيدر آباد جي عملي جي لاپرواهي ڇهين درجي جي شاگردياڻي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، تعليم کاتي سٽي اسڪول قاسم آباد جي رجسٽريشن عارضي طور معطل ڪري ڇڏي

استاد چاهين ها ته اسان جي نياڻي کي آپگهات ڪرڻ کان روڪي سگهن پيا پر هنن ائين نه ڪيو: مومنا ناريجو جا وارث

حيدرآباد( خاص نمائندو   سنڌ سماءَچار) حيدر آباد جي سٽي اسڪول ۾ ڇهين درجي جي شاگردياڻي استادن جي موجودگي ٽئين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، لاش اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث لاش سانگهڙ کڻائي ويا، تعليم کاتي اسڪول جي رجسٽريشن عارضي طور معطل ڪري ڇڏي.

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ قائم خانگي سٽي اسڪول ۾ سومر ڏينهن ڇهين درجي جي شاگردياڻي مومنا ناريجو سومر ڏينهن اسڪول ٽائيمنگ دوران عامرت جي ٽئين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، شاگردياڻي مومنا ناريجو آپگهات ڪرڻ کان اڳ ۾ موبائيل فون تي ڪنهن سان ڳالهائيندي رهي، ان دوران ئي ٻه ڄڻا جن بابت چيو پيو وڃي ته اُهي اسڪول جا استاد هئا، اهي شاگردياڻيءَ طرف آيا، پر شاگردياڻي ورانڍي جي شيلٽر ڀت تي چڙهي ٽپو ڏئي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ اُهي ٻئي استاد/اسڪول جو عملو شاگردياڻي کي بچائڻ لاءِ اڳتي نه وڌيا. شاگردياڻي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد سندس مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو، وارث نياڻي جو مڙهه سانگهڙ جي اباڻي ڳوٺ احمد خان نارفيجو کڻائي ويا، جتي رات دير سان سندس جنازي نماز ادا ڪري مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سٽي اسڪول ۾ ڇهين درجي جِي شاگردياڻي جَي مبينا آپگهات جون خبرون ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي صوبائي ولزير معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تعليم کاتي موجب کاتي جي حيدر آباد جي عملدارن واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، اسڪول جي پرنسپال ۽ ٻئي ڪنهن به ذميوار سان ملاقات نه ٿي سگهجي، ڇو ته اُهي واقعي بعد اسڪول مان نڪري هليا ويا هئا. صوبائي وزير جي هدايتن تي تعليم کاتي سٽي اسڪول قاسم آباد حيدر آباد جي رجسٽريشن عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد به جاچ لاءِ اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر جي سربراهي ۾جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *