Thursday , March 28 2024

سي ايم هائوس جا 8 ملازم ڪرونا ۾ مبتلا، سنڌ ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر وڌيڪ 40 ڪيس ظاهر

سنڌ ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر وڌيڪ 40 ڪيس ظاهر

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار ) ڪرونا وائرس جي وبا وزيراعليٰ هائوس سنڌ تائين پهچي وئي، 5 ملازمن کي وائرس جي تصديق، سنڌ ۾ 9 مئي تي شام 8 کان رات 12 وڳي تائين وڌيڪ 44 ڪيسز جي تصديق ٿي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪرونا جي وبا وزيراعليٰ هائوس تائين پهچي وئي آهي، سي ايم هائوس ۾ مقرر هڪ ملازم نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص معاون راشد رباني جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ ملازمن جي به ٽيسٽ ڪرائي وئي هئي، جن مان 8 ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد ملازمن کي ڪورنٽائين سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. چار ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص معاون راشد رباني جي ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ سي ايم هائوس ۾ مقرر ملازمن جي ڪرايل ٽيسٽ مان 8 ڄڻن کي وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ملازمن جي گهر ڀاتين، ساڻن ملاقاتون ڪندڙن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. سي ايم هائوس جي ذريعن موجب هڪ ڊرائيور، ٽڪنيشن ۽ ڪلرڪ سميت 8 ملازمن کي وائرس آهي، جن کي ڪورنٽائين ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي نائين مئي تي رات جو 8 وڳي کانپوءِ رات 12 وڳي تائين لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ مجموعي طور تي 38 کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن کي آسئوليشن ۾ رکيو ويو آهي ۽ لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا سمورن ماڻهن جي گهر ڀاتين جي به ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *