Friday , April 19 2024

سيپڪو لاءِ بجلي جي 120 ڪي وي جي نئين گرڊ اسٽيشن قائم ٿيندي

sepcoMono

اسلام آباد: ايڪنڪ پاران سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ بجلي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ نئين گرڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ ججي منظوري ڏني وئي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل ايڪنڪ اجلاس ۾ توانائي، ترقياتي ۽ مواصلات سميت 9 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.

وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ايڪنڪ جو پهريون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيپڪو جي بجلي ورهاست جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي ۽ سيپڪو کي 120 ڪي وي جي  نئين گرڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب، سيپڪو جي انرجي لاس ۾ گهٽتائي لاءِ جديد منصوبن جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب، اجلاس ۾ وزيراعظم قومي هيلٿ پروگرام کي سڄي ملڪ تائين وڌائڻ جي به منظوري ڏني، جڏهن ته  چترال گرم چشمي دهرا روڊ جي تعمير واري منصوبي ۽ لاهور – سيالڪوٽ موٽر وي کي تعمير ڪرڻ لاءِ نئون مالي پلان به منظور ڪيو ويو.

ايڪنڪ اجلاس ۾ پنڊي گهيب ڪوهاٽ روڊ منصوبي کي به منظور ڪيو ويو. بنون جي پراڻي روڊ منصوبي کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ توانائي، مواصلات ۽ انفرااسٽرڪچر جي نون منصوبن جي منظوري ڏني وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *