Thursday , March 28 2024

سيوهڻ ڌماڪو: سڄي سنڌ جي مزارن ۽ درگاهن جي سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو، بدين ۾ 10 درگاهون سيل

qalandarABhit Shah2

سيوهڻ ڌماڪي بعد سڄي سنڌ جي درگاهن جي سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي سبب جي ڪري درگاهن ۽ مزارن کي بند ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ مزار قائد، ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن کي به بند ڪيو ويو. سيوهڻ سانحي بعد شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي درگاهه تي سيڪيورٽي انتظامن بابت ڊي سي مٽياري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي مٽياري سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي درگاهه تي سيڪيورٽي انتطامن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي. ڀٽ شاهه جي درگاهه طرف ايندڙ ويندڙ سمورن رستن تي پوليس چيڪ پوسٽ قائم ڪري درگاهه جي داخلي دروازن تي جديد قسم جا واڪ ٿرو گيٽس لڳائي زائرين جي مڪمل جهڙتي ورتي ويندي. اجلاس ۾ ڀٽ شاهه جي درگاهه تي واڪ ٿرو گيٽس لڳائڻ جي ذميواري اوقاف کاتي جي حوالي ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته ٻن ڏينهن اندر واڪ ٿرو گيٽس لڳايا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته درگاهه طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي ۽ ڀٽ شاهه ۾ درگاهه جي ڀرپاسي ۾ ٿيل غير قانوني اڏاوتن ۽ قبضن کي به هٽائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف درگاهه قلندر لال شهباز جي مزار جي احاطي ۾ ڌماڪي ۾ 88 ڄڻن جي شهيد ٿي وڃڻ کانپوءِ سيوهڻ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، صبح سوير ئي زائرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون. زائرين سڪيورٽي ٽوڙي مزار اندر داخل ٿي ويا ۽ سخت احتجاج ڪيو، جنهن بعد پوليس ۽ رينجرز جي وڌيڪ نفري طلب ڪري ماڻهن کي مزار مان ٻاهر ڪڍيو ويو. درگاهه جو سونو دروازو ۽ وڏي علم وٽان واقع گيٽ بند ڪري پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مڇريل ماڻهن درگاهه ٻاهران بيٺل پوليس موبائل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. سيوهڻ ڌماڪي کانپوءِ ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار جي سڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي ۽ زائرين کي جهڙتي کانپوءِ اندر وڃڻ ڏنو پيو وڃي. ڪراچي ۾ مزار قائد کي به ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پڻ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن کي بند ڪيو ويو آهي. درگاهه سعدي موساڻي ۽ درگاهه سمن سرڪار سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ درگاهن ۽ مزارن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *