Friday , March 29 2024

سيوهڻ سانحو: قانون لاڳوڪندڙ ادارن جون خيرپور، دادو، ڏوڪري ۽ سيوهڻ ۾ ڪارروايون، 70 کان وڌيڪ شڪي جوابدار گرفتار

Dadu arrest dadu arrest1

دادو : جوهي مان حراست ۾ ورتو شڪي جوابدار

سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار  ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، رينجرز ۽ پوليس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي دهشتگردن جي سهولتڪاري جو شڪ هجڻ جي بنياد تي 70 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ڪارروايون سڪرنڊ، محراب پور، خيرپور، جوهي ۽ ڏوڪري سميت مختلف علائقن ۾ ڪيون ويون آهن.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عبدالحفيظ بروهي نالي همراهه سميت 3 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل حفيظ بروهي جو واسطو شڪارپور ضلعي سان آهي، جيڪو شڪارپور ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگرد ٽولي جو ساٿي آهي ۽ هو سيوهڻ ڌماڪي ۾ آپگهاتي بمبار جي ۽ ان ئي نيٽ ورڪ جو سهولتڪار آهي.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي حبيب الله ۽ عزيز الله جمالي سميت 3 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جوهي مان گرفتار ڪيل ٽنهي ڄڻن تي به دهشتگردن جي سهولتڪاري جو الزام آهي.

دادو ۽ خيرپور کانسواءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نوابشاهه جي سڪرنڊ ۽ نوشهروفيروز جي محراب پور وارن علائقن ۾ به ڪاروايون ڪيون آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن علائقن مان به ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جن مٿان دهشتگردن جي سهولتڪار هجڻ جو شڪ آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *