Friday , March 29 2024

سينيٽ آف پاڪستان پاران امير سنڌ جي ماڻهن جو دوزخ جهڙي غربت ۾ سڙڻ جو اعتراف

امير سنڌ جي ماڻهن جو دوزخ جهڙي غربت ۾ سڙڻ جي ملڪ جي مٿئين ايوان سينيٽ ۾ پڙاڏو

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نيٺ سينيٽ آف پاڪستان اعتراف ڪري ورتو آهي ته، پاڪستان جي امير صوبي سنڌ جا ماڻهو غربت جي گاهڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن، صوبي جي 8 ضلعن جا ماڻهو وري دوزجي باهه جهڙي غربت ۾ سڙي رهيا آهن، اهڙو اعتراف سينيٽ جي اجلاس دوران ملڪ جي پٺتي پيل علائقن بابت قائم ڪيل ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عثمان ڪاڪڙ ڪميٽي پاران جوڙيل رپورٽ ۾ ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ عثمان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ملڪ جي پوئتي پيل علائقن بابت رپورٽ ۾ سنڌ جي بدين، ٿرپارڪر، جيڪب آباد، سانگهڙ سميت 8 ضلعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. عثمان ڪاڪڙ پاران سينيٽ ۾ پيش ڪيل 40 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ پنجاب جي 4، ڪي خيبرپختونخوا جي 11 ۽ بلوچستان جي 29 ضلعن کي غيرترقي يافتا/ پوئتي پيل ضلعا قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن کي ڪاميٽي رپورٽ ۾ پٺتي پيل ضلعا قرار ڏنو ويو آهي،رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، امير صوبي سنڌ جي دادو، جيڪب آباد، سانگهڙ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن ۾ اڪثر آبادي گئس جي جهڙي سهولت کان به محروم آهن.

سينيٽ ڪاميٽي جي چيئرمين عثمان ڪاڪڙ ايوان ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 53 سيڪڙو، پنجاب 14سيڪڙو، ڪي پي ڪي 61 سيڪڙو، بلوچستان 99 سيڪڙو گهٽ ۾ گهٽ ترقي واري زمري ۾ اچن ٿا، فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا علائقا 100 سيڪڙو ليس ڊولپمينٽ جي ذمري ۾ اچن ٿا. رپورٽ ۾ سنڌ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ دادو، جيڪب آباد، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، قمبر- شهدادڪوٽ، سانگهڙ، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ بدين کي ڄاڻايو ويو آهي. عثمان ڪاڪڙ پنجاب جي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته صوبي جي ليه، لوڌران، مظفر ڳڙهه ۽ راجنپور اهڙا ضلعا آحن جتي ترقي جي شرح گهٽ آهي. سينيٽ جي ڪميٽي ايوان ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته ڄاڻايل ضلعن ۾ سالياني بجيٽ مان 70 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ رکي وڃي، رپورٽ موجب بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب 70 سيڪڙو ملڪ جي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، جنهن ڪري غريب وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن. عثمان ڪاڪڙ رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته، سروي رپورٽ مان ظاهر ٿيو آهي ته هڪ ملڪ ۾ ٻه ملڪ قائم ٿيل آهن، جن ۾ هڪ انتهائي شاهوڪار طبقو ترقي يافته علائقن ۾ رهي ٿو ۽ غريب ۽ انتهائي غريب طبقو گهٽ ۽ انتهائي گهٽ ترقي يافتا علائقن ۾ رهي ٿو.

سينيٽ ۾ عثمان ڪاڪڙ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته، سنڌ صوبي جي سانگهڙ، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، قمبر- شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، دادو، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۾ زرعي ريسرچ ۽ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻ جي ضرورت آهيڻ، ڄاڻايل ضلعن جي پٺتي پيل علائقن لاءِ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي ملازمتن ۾ ڪوٽا مقرر ڪرڻ، ڄاڻايل ضلعن جي عورتن لاءِ نيون اسڪيمون ۽ پروگرام شروع ڪري کين بنا وياج جي قرض فراهم ڪرڻ، انهن ضلعن ۾ تعلقي سطح تي يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪرڻ ۽ بند ٿيل اسٽورن کي بحال ڪرڻ جي سفارش پڻ سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ اها به سفارش ڪئي وئي آهي ته، سنڌ جي ڄاڻايل ضلعن ۾ مناسب پريشر سان گڏ گيس فراهم ڪرڻ ، گريس پيدا ڪندڙ ۽ گيس جا ذخيرا رکندڙ علائقن جي 5 ڪلوميٽر ايراضي ۾ قائم گهرن کي گيس جا مخصوص يونٽ مفت ۾ ڏني وڃي، گيس پيدا ڪندڙ ضلعن سان تعلق رکندڙ شهرين کي رعايتي اگهه تي گهرن ۾ گيس فراهم ڪئي وڃي. ڪاميٽي ڄاڻايل پٺتي پيل سنڌ جي ضلعن جي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ سمورن شهرين کي بجلي فراهم ڪرڻ ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ سمورين عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مالي امداد جا ڪارڊ فراهم ڪرڻ، ۽ ان حوالي سان جلد کان جلد سروي ڪرڻ جي سفارش ڪندي وزيراعظم جا صحت ڪارڊ انهن ضلعن جي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي ڏيڻ جي سفارش ڪندي گيس فيلڊن ۾ انتظامي عهدن تي مقامي ماڻهن کي رکڻ جي به سفارش ڪئي آهي، ڪاميٽي بدين ضلعي ۾ گيس ۽ تيل پيداوار ڪندڙ ڪمپنين کي علائقي جي ترقي لاءِڪردار ادا ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته بدين ڊسٽرڪٽ ۽ ان جي ڳوٺن مان ڪل 3 کان 5 سيڪڙو گهراڻن ۽ آبادين کي گيس ملي رهي آهي، ڪاميٽي سفارش ڪئي ته بدين ضلعي جي هر هڪ گهر ۽ ڳوٺ کي گيس فراهم ڪيو وڃي. بدين ضلعي جي تمام گهڻي تعداد ۾ ڳوٺن کي بجلي کان محروم رکيو ويو آهي، هر گهر کي تڪڙن بنيادن تي بجلي فراهم ڪئي وڃي، بدين جي مختلف شهرن کان ماضي ۾ هلندڙ ڪراچي تائين ٽرين سروس کي بحال ڪيو وڃي، بدين ضلعي ۾ ٽي بي، مليريا، هيپاٽائيٽس بابت سروي ڪئي وڃي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مناسب پاليسي جوڙڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

سينيٽ ڪميٽي چيو آهي ته ڪميٽي پاران بدين ضلعي جي دوري دوران محسوس ڪيو آهي ته بدين ڪينالن کي پاڻي پنهنجي مناسب حصي تحت نه ٿو ملي، جنهن ڪري فصل متاثر ٿيا آهن، ان حوالي سان هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ڪينالن کي پنهنجي مناسب حصي جيترو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بدين ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ 200 ڪلوميٽر تي ٻڌل زمين سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، حڪومت ان تباهي کي ڏسي ۽ زمين کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ڪاميٽي سفارش ڪئي آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو وڃي، دادو جي نئين گاج ڊيم کي به مڪمل ڪيو وڃي، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ کي بند ڪيو وڃي، برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِٿر ۾ ننڍا ڊيم قائم ڪيا وڃن، ٿر ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي رائلي ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن کي ڏئي انهن جي گهٽ ترقي يافته علائقن جي اسڪيمن تي لڳائي وڃي، انڊر گرائونڊ گيسيفڪيشن منصوبي تي لڳل رقم واپس ڪرائي ٿر تي لڳائي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ڪل ايراضي مان 53 سيڪڙو علائقا گهٽ ترقي يافتا آهن، انهن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ بجيٽ رکي وڃي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي محسوس ڪري ٿي ته سنڌ جا مختلف ضلعا گهڻ رخي غربت کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن مان عمرڪوٽ ضلعي جي ڪل آبادي مان 50.4 سيڪڙو آبادي، ٿرپارڪر ضلعي جي 48.1 سيڪڙو، ٽنڊو محمد خان 45.5 سيڪڙو، سجاول 44.7 سيڪڙو، ٺٽو 43.7 سيڪڙو بدين 43.7 سيڪڙو، ڪشمور 43.1 سيڪڙو، ميرپور خاص 40 سيڪڙو، جيڪب آباد 39.1 سيڪڙو، قمبر- شهدادڪوٽ 38.6 سيڪڙو، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ 38.3 سيڪڙو آبادي گهڻ رخي غربت کي منهن ڏئي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *