Tuesday , April 16 2024

سينٽر اسلام الدين شيخ جو پٽ نعمان اسلام شيخ سنڌ واٽر ڪميشن آڏو پيش، لکت ۾ معافي وٺڻ جي هدايت

ڪراچي( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) سنڌ واٽر ڪميشن جي هدايتن تي ماحوليات جي تحفظ واري کاتي جي عملدارن کي شگرملز ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي، ملز مالڪ جي گرفتاري واري حڪم بعد پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ جو پٽ نعمان اسلام شيخ واٽر ڪميشن آڏو پيش ٿي چيو ته ملز انتظاميا ڪنهن به سرڪاري آفيسر کي منع نه ڪئي هئي. وارٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم نعمان اسلام الدين شيخ کي حڪم ڏنو ته هُو لکت ۾ معافي نامو پيش ڪري.

واٽر ڪميشن ،واٽر بورڊ ۽ واسا کان 2 سالن دوران لڳايل پائيپ لائينز جا تفصيل ۽ اسڪولز واري سيڪريٽري کان سرڪاري اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ بابت 3 مهينن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي هيٺ پاڻي ڪميشن جي ڪارروائي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. ڪرن شگر مل ۾ عدالتي ٽيم کي داخل ٿيڻ کان روڪڻ واري معاملي تي فيڪٽري مالڪ سينيٽر اسلام الدين شيخ جو پٽ نعمان اسلام پيش ٿيو، جنهن ڪميشن کي ٻڌايو ته فيڪٽري ۾ ڪنهن کي به داخل ٿيڻ کان ناهي روڪيو ويو، جنهن تي ڪميشن چيو ته لکت ۾ معافي گهرو، جنهن کانپوءِ ٽيم کي سڀاڻي شگر مل جو دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پاڪ اوسس جو چيئرمين پيش ٿيو، جنهن کي مخاطب ٿيندي جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اوهان کي پراجيڪٽ ڪڏهن مليو ۽ ڪڏهن مڪمل ٿيڻو هو؟ اوسيس ڪمپني جي چيئرمين پنهنجي جواب ۾ چيو ته پراجيڪٽ 2014 ۾ مليو، 2 سالن ۾ مڪمل ڪرڻو هو. جنهن تي ڪميشن سربراهه سوال ڪيو ته 2 هزار آر او پلانٽس مان ڪيترا فعال ڪيا آهن؟ پاڪ اوسس اختيارين جواب ڏنو ته 14 سئو کان وڌيڪ آر او پلانٽ فعال ڪيا آهن. جسٽس امير هاني مسلم، پاڪ اوسس ڪمپني کان ورڪ پلان طلب ڪندي حڪم ڏنو ته ٽي پي ٿري ڪيتري وقت ۾ مڪمل ٿيندو، انهن بابت حلف نامو جمع ڪرايو. چيف سيڪريٽري چيو ته مون سان ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ڪم ڪن پيا، اهي ماڻهو منهنجي ۽ سنڌ حڪومت جي بي عزتي ڪرائين پيا، جنهن تي ڪميشن سربراهه چيو ته چيف سيڪريٽري صاحب! اوهان جي ڪا به بي عزتي نه پئي ٿئي، هي عوام جي صحت جو معاملو آهي، سڄي دنيا ۾ تبديلي پئي اچي هنن کي به ڪجهه سکڻ گهرجي.

شهاب اوستي چيو ته چيف سيڪريٽري ورڪ پلان بابت لکي ڏئي، جنهن تي امير هاني مسلم چيو ته اهو حڪم ڪميشن ڏيندي جنهن کانپوءِ ورڪ پلان بابت چيف سيڪريٽري کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو. ڪميشن سربراهه، چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ضلعي اسپتالن جي بحالي وارو منصوبو ڇو بند ڪيو آهي؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري جواب ڏنو ته هي منصوبو 4 سالن کان هلي پيو پر هاڻ ڪم بند هو، ڏيڍ مهيني ۾ 12 اسپتالون بحال ڪري ڇڏيون آهن. صحت واري سيڪريٽري پيش ٿي چيو ته پراڻا انسريٽر فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ڪامياب نه وياسين، جنهن تي ڪميشن سربراهه چيو ته جيڪو چئو پيا اهو لکت ۾ ڏيو. چيف سيڪريٽري چيو ته پيسو ڏيڻ سنڌ حڪومت لاءِ مسئلو ناهي، گذريل سال به سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 17 انسريٽرز لاءِ پيسا ڏنا هئا.

صحت واري سيڪريٽري کان امير هاني مسلم پڇاڻو ڪيو ته سول، جناح ۽ ٻين اسپتالن ۾ پيئڻ جي پاڻي، سيوريج جو نظام ۽ انسريٽر ڪيستائين لڳايا ويندا؟ ان حوالي سان لکت ۾  جواب ڏنو وڃي. صحت واري سيڪريٽري آگاهي ڏني ته ڏيڍ مهيني ۾ 12 اسپتالون منتقل ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تي ڪميشن سربراهه چيو ته لياري جنرل اسپتال ۾ داخلائون ٿينديون آهن پر اتي گند پيل آهي ۽ اوهان اتي ٽراما سينٽر قائم ڪري رهيا آهيو، ڇا توهان ماڻهن کي بيمار ڪندو ڇا؟ صحت کاتي ۾ بدلين تي ڪميشن سربراهه ڪاوڙ ڪئي ۽ ضلعي هيلٿ آفيسر ۽ ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ جي بدلين تي پابندي لڳائيندي سيڪريٽري ايس اينڊ جي ڊي کان وضاحت ۽ لکت ۾ حلف نامو طلب ڪري ورتو.

جسٽس امير هاني مسلم صحت واري سيڪريٽري کي چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال ڏسو، چئني طرفن کان پاڻي نظر ايندو، سيڪريٽري ڏسي وٺي ته کيس ڪڏهن رات جو ننڊ نه ايندي، جنهن تي سيڪريٽري چيو ته 52 ڪروڙ رپيا لاڙڪاڻي جي اسپتال کي ڏنا، اهي ڪم نٿا ڪرائين ته اسان ڪرائينداسين. جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن غريب جو ڀلو نٿو ٿئي ته پوءِ 5 سئو ڪروڙ  رپين جي خرچ جو ڪوبه فائدو ناهي. ڪميشن سربراهه صحت واري سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هڪ ماڻهو وٽس آيو ۽ کيس اسپتال ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ جو چيو پر پيسا سرڪاري اداري کي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين، جنهن مان ظاهر ٿي پيو ته ماڻهن کي حڪومت تي ڪيترو اعتماد آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان ئي خيرات مان آر او پلانٽ لڳرايون ٿا. پاڻي ڪميشن جي سربراهه چيو ته هو پاڻ ماڻهن کان خيرات وٺي سول اسپتال ۾ پنج ڇهه آر او پلانٽ لڳرائي وٺندو، اوهان جا ايم ايس اسپتال وڃي رڳو چانهه پئي واپس هليا وڃن ٿا. صاف پاڻي فراهمي واري معاملي تي واٽر بورڊ ۽ واسا جا عملدارن ڪميشن آڏو پيش ٿيا، جن کي امير هاني مسلم 2 سالن دوران لڳايل پائيپ لائينز جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اسڪولز واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته، سرڪاري اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ بابت 3 مهينن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *