Friday , March 29 2024

سينيٽ چونڊون: قومي اسيمبلي سميت چئني صوبن جي صوبائي اسيمبلين جي ايوانن جو انتظام اليڪشن ڪميشن حوالي

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سينيٽ جي چونڊن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشڻ آف پااڪستان پاران قومي اسيمبلي سميت، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي صوبائي اسيمبلين جا انتظام اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيا ويا آهن، اي سي پي جمعي ڏينهن 2 مارچ تي صبح جو اسيمبلين جي ايوانن جا انتظام سنڀالي وٺندي. سمورا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز اصلي قومي سڃاڻپ ڪارڊن ۽ لاڳاپيل اسسيمبلين جي سڃاڻپ ڪارڊن کانسواءِ اسيمبلي اندر داخل ٿي نه سگهندا ۽ نه ئي ووٽ ڏئي سگهندا.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، 3 مارچ ڇنڇر ڏينهن ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبن جي اسيمبلين جا ايوان سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ اسيٽيشنز طور ڊڪليئر ڪيا ويا آهن. اسيمبلين جا انتظام جمعي ڏينهن 2 مارچ تي مرحليوار اڄ ئي اليڪشن ڪميشن سنڀالي رهي آهي.

پنجاب اسيمبلي                                 سنڌ اسيمبلي         

سينيٽ جي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن پاران اخلاقي ضابطو به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن  مطابق ڪنهن به ووٽر/ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي پولنگ اسٽيشن/قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ايوان ۾ موبائل فون کڻي اچڻ جي اجازت نه هوندي، اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن جي قائدن ۽ ضابطن توڙي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. سمورا ووٽرز ووٽنگ واري ڏين 3 مارچ ڇنڇر ڏينهن صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين پنهنجو پنهنجو ووٽ ڏئي سگهندا.

سينيٽ اليڪشن بابت قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اسپيڪر اياز صادق ميمبرن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾  هن چيو آهي ته، سمورا ايم اين ايز اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ لازمي آڻڻا پوندا، جيڪي ميمبر سڃاڻپ ڪارڊ گڏ نه کڻي اچي سگهندا، انهن کي نئون سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. جڏهن ته قومي اسيمبلي هال جو رڳو هڪ دَر کليل رهندو. اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي ميمبرن جي موبائل کڻي اچڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي آهي، جڏهن ته عورت ميمبرز هينڊ بيگ به نه کڻي اچي سگهنديون. سندس چوڻ هو ته سينيٽ چونڊ لاءِ ووٽنگ ڇنڇر جي صبح 9 وڳي کان شام چئين وڳي تائين جاري رهندي، جنهن تي نواب محمد يوسف ٽالپر چيو ته اهو هال سدائين سينيٽ چونڊ لاءِ پولنگ طور استعمال ٿيندو آهي، تنهن ڪري اهڙي قسم جي پابندين جو ڪو جواز ناهي. شيرين مزاري چيو ته اها ڳالهه مناسب ناهي ته موبائل فون ۽ هينڊ بيگ آڻڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڇنڇر ڏينهن هال تي اسان جو ڪنٽرول نه هوندو پر اهو اليڪشن ڪميشن حوالي هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *