Wednesday , April 24 2024

سينيٽ اجلاس:پرڏيهه ۾ ڪراچي بابت اشتهارن خلاف رٿ جمع؛آدمشماري ۾ غلطيون ڪندڙن کي آدمشماري ڪميٽي ۾ رکيو ويو آهي:تاج حيدر

اسلام آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني شماريات ڊويزن کي آدمشماري بابت اجلاس سڏائڻ کان روڪي ڇڏيو، پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته شماريات ڊويزن ڪميٽي ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو آهي، جن آدمشماري ۾ غلطيون ڪيون، سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏيندي چيو ته سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس تائين شماريات ڊويزن جو ڪو به اجلاس نه سڏايو وڃي. سينيٽ جو اجلاس پهريان سهيل مشهدي ۽ بعد ۾ چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سينيٽر سحر ڪامران پاران پرڏيهه ۾آزاد ڪراچي جي حوالي سان هلايل اشتهاري مهم خلاف التويٰ واري تحريڪ جمع ڪرائي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته آدمشماري جي سروي تي پارلياماني ليڊرن ۽ شماريات ڊويزن پاران صحيحيون ڪيون ويون هيون، جن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

تاج حيدر ته هُن 12 ڊسمبر تي شماريات ڊويزن کي خط لکيو، جنهن بعد گڏجاڻي ٿي، شماريات ڊويزن اهو طئي ڪيو ته صوبن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي ويندي پر جن 9 ماڻهن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي وئي آهي، ان ۾ اهي ماڻهو کنيا ويا آهن، جن آدمشماري ۾ غلطيون ڪيون. تاج حيدر چيو ته منهنجي اعتراض بعد چيو ويو ته سينسز ڪميشن کي آدمشماري بابت آڊٽ ڪرڻي آهي. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني شماريات ڊويزن کي اجلاس سڏائڻ کان روڪيندي رولنگ ڏني ته شماريات ڊويزن راجا ظفر الحق ڪميٽي جي اجلاس ٿيڻ تائين ڪو به اجلاس نه سڏائي. اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائيندي بئريسٽر سيف چيو ته چين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ زمين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، چين وٽ ايترا وسيلا آهن جو هو پورو پاڪستان ٻيڻي اگهه تي خريد ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسان کي چين ۾ زمين خريد ڪرڻ جو حق حاصل نه آهي، چين جي تاريخ رهي آهي ته هن جنهن سان به دشمني ڪئي آهي ان سان آخر تائين نڀايو آهي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته هي معاملو لاڳاپيل وزارت ڏانهن اماڻيو وڃي ۽ ان حوالي سان رپورٽ به ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ پ پ جي سينيٽر سحر قريشي جي قرارداد بابت سيڪريٽري ڪيبينيٽ جي جواب تي سينيٽ چيئرمين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بيورو ڪريسي کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته هو پارليامينٽ جي قرارداد تي ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ چئي. پ پ سينيٽر فرحت الله بابر پيرس ۾ فنانشل ٽاسڪ فورس جي اجلاس وارو معاملو ايوان ۾ اٿاريو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته اهو انتهائي اهم معاملو آهي، سڀاڻي پرڏيهي وزير ايوان ۾ اچي وضاحت پيش ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *