Thursday , April 25 2024

سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو/سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ ن وشهرو فيروز ۾ زرعي زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ واري ڪيس ۾ سينئر ميبر بورڊ آف روينيو/سيڪريٽري جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوشهروفيروز واسي اخلاق احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار جي ۽ سندس وڪيل عدالت عدالت کي ٻڌايو ته نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو اڄ به پيش ناهي ٿيو، جنهن عدالت سخت ڪاوڙ جو اظاهر ڪندي سندس گرفتار جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس عرفان سعادت خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪامورن عدالتي حڪمن کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، نوٽيسز جاري ٿيڻ باوجود اُهي عدالت ۾ پيش ئي نه ٿيا ٿين. درخواست گذاراخلاق احمد جو موقف آهي ته، سندس 370 ايڪڙ زمين جا کاتا تبديل ڪري کاتو ڪنهن ٻئي جي نالي تي چاڙهي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *