Saturday , April 20 2024

سينئر سياستدان ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي ڪرونا ۾ مبتلا، آءِ سي يو منتقل

ڪراچي ( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سينئر سياستدان ۽ وڏي وزير جو صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي ڪرونا وائرس ۾ مبتلا، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل. ڪرونا جي وبائي وائرس ۾ مبتلا وڏي وزير جو صلاحڪار ۽ اڳوڻو صوبائي وزير سيد اعجاز شاهه شيرازي کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، کيس ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي هئي، کيس ڪجهه ڏينهن گهر اندر آئسوليٽ ڪيو ويو هو، جتي سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ کانپوءِ هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. جتي سندس طبيعت وڌيڪ ناساز ٿي وئي هئي، اعجاز شاهه شيرازي جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن اعجاز شاهه شيرازي جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ کيس هڪ ٻي نجي اسپتال منتقل ڪري انتهائي نگهداشت واري وارڊ ( آءِ سي يو ) منتقل ڪيو ويو هو، جتي کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *