Thursday , March 28 2024

سيل ڪيل بازار ۽ دڪان کولڻ واري معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ واپاري آمهون سامهون

ڪرونا متاثرن جو انگ 42 هزار ٿي ويو، واپاري بازارون 24ئي ڪلاڪ کولڻ جي هوڏ تي بيٺل

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ بازارون کولڻ واري معاملي تي هلندڙ ڳالهيون ناڪام،واپاري اڄ سومر تي سيل ڪيل بازارن سميت سموريون مارڪيٽون 24 ئي ڪلاڪ کولڻ جي هوڏ تي قائم، سنڌ حڪومت ۽ واپاري اڄ آمهون سامهون ٿيڻ وارا، واپاري اڳواڻ عتيق مير چيو آهي ته سيل ڪيل مارڪيٽس ضورو کولينداسين، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته، حڪومت جي عملداري چئلينج ڪندڙڻ خلاف ڪارروائي ٿيندي. سنڌ حڪومت پاران ايس او پيز جي خلاف ورزي تي سيل ڪيل دڪان ۽ بازار کي واپارين اڄ کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪمشنر هائوس ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويو، جنهن بعد واپاري اڳواڻ عتيق مير مختصر بيان ۾ چيو ته حڪومت سندن سمورا مطالبا رد ڪري ڇڏيا آهن، اڄ سومر 18 مئي تي هر حالت ۾ سيل ڪيل مارڪيٽس ۽ دڪان کوليا ويندا. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائين چيو ته، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ شاپنگ مالز نه کولڻ جو فيصلو وزيراعظم قومي رابطا ڪميٽي جي اجالس ۾ ڪيو هو پر سنڌ ۾ پي ٽي آءِ وارا سنڌ حڪومت ۽ قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن خلاف واپارفين کي هُشي ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته واپارين ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو. ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي جو چوڻ آهي ته سيل ڪيل مارڪيٽس ۽ دڪان کولڻ جي اجازت ناهي، ايس او پيز ۾ ڪا به رعايت ڏيڻ جو فيصلو ناهي ٿيو ۽ ايس او پيز تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *