Friday , April 19 2024

سيف جي اسڪولن کي ملندڙ فنڊز ۽ عمارتن جي اڏاوتن جي فنڊز جا تفيصل طلب

تعليم کاتي جي آفيسرن کي نصاب جي خبرئي ناهي، هنن کي خبر ئي ناهي ته ٻارڙن سان ڪهڙو حشر ڪري رهيا آهن؟، سٺن ادارن مان پڙهيل آفيسر به ڌيان نٿا ڏين، جديد نصاب ڇو نٿو پڙهايو ئي نه ٿووڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي انتظامن هيٺ هلندڙ اسڪولن کي ملندڙ فنڊز/سبسڊي، اسڪولن جي عمارتن جي اڏاتن تي خرچ ڪيل رقم جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ڪيمبرج اسڪولن ۾ آڪسفورڊ نصاب ۽ سيف جي اسڪولن ۾ انگريزيب نصاب پڙهائڻ جو به حڪم. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت تعليم کاتي کي حڪم ڏنو ته ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سمورن اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلائن، انهن لاءِ ملندڙ فنڊز/ سبسڊي ۽ عمارتن جي اڏاوت ۽ انهن لاءِ استعمال ڪيل بجيٽ بابت تفصيل جمع ڪرايا وڃن، عدالت حڪم ڏنو ته ڪئمبريج اسڪول سسٽم ۾ آڪسفورڊ جو نصاب ۽ سيف جي اسڪولن ۾ انگريزي پڙهائي وڃي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سيف، ٽي سي ايف ۽ ڪيمبرج ۾ به سنڌ ٽيسڪٽ بڪ بورڊ جو نصاب پڙهائڻو آهي ته پوءِ سرڪاري اسڪولن جي ڪهڙي ضرورت آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ اهو به چيو ته تعليم کاتي جي آفيسرن کي نصاب جي خبر ناهي، هي ٻارڙن سان ڪهڙو حشر ڪري رهيا آهن؟، سٺن ادارن مان پڙهيل آفيسر به ڌيان نٿا ڏين، جديد نصاب ڇو نٿو پڙهايو وڃي، عدالت لاڳاپيل ڌرين کي حڪم ڪيو ته مڪمل رپورٽ  28 فيبروري تائين عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي ۽ لاڳاپيل ڌريون پيش ٿين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *