Thursday , April 18 2024

سياسي وڏيرن کي شڪست نه ڏئي سگهڻ واري خوف مان نڪرڻو پوندو: علي قاضي

ميرپور خاص( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته هاڻي ان خوف مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي ته ڀوتارن کي هارائي نٿو سگهجي، اسان جيڪڏهن اٿي بيهون ته پنهنجي ووٽ ذريعي سنڌ کي خوشحال بڻائي سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن ميرپورخاص ۾ تبديلي پسند پارٽيءَ جي  کي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو ته اسان محبتن جو پيغام کڻي سنڌ جي هر علائقي ۾ وڃي رهيا آهيون، اسان کي رڳو زباني طور ڌرتي سان محبت جي دعويٰ نه پر ان جو عملي مظاهرو به ڪرڻ گهرجي. ڪمند جي اگهه واري معاملي تي ڳالهائيندي علي قاضي چيو ته  شگر ملز  مالڪ پاڻ حڪومت بڻيل آهن، پنهنجي وَڍيءَ جو ڪو ويڄ نه طبيب، اها سرڪار اسان پاڻ ٺاهي آهي جيڪا پنهنجي فيصلن تي عمل نٿي ڪرائي سگهي.

هن چيو ته شگر ملز مالڪن ڳٺ جوڙ ڪري اگهه 130 رپيا مقرر ڪيو ۽ حڪومت کي نياپو موڪليو ته اسان اوهان آڏو پابند ناهيون، ڪين ڪمشنر ۾ اها طاقت ناهي ته ملز مالڪن کي شگر ملون هلائڻ لاءِ پابند بڻائي، جڏهن ته ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ امريڪي حڪومت نه پر سنڌ حڪومت جو ڪم آهي. علي قاضي چيو ته اسان مختلف سياسي ڌرين جي اتحاد ٺهڻ تي ته واهه واهه ڪيون ٿا پر لکين ماڻهو هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آهن، آفيسون ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، تعليم ۽ صحت تباهه آهي، ان کي بهتر ڪرڻ جي سياست ڪير ڪندو؟ علي َاضيهن چيو ته 420 ڀوتار ڏهاڪن کان سنڌ کي يرغمال بڻايون ويٺا آهن، ڪڏهن برادري جي نالي تي ته ڪڏهن ٻولين جي نالي تي هو اسان کي ورهائي ويٺا آهن. هنن کان ڪير پڇندو ته اسڪولن جي حالت اهڙي ڇو آهي.

روڊ رستا ٽٽل ۽ گند ڪچرو ڇو آهي، 50 کان 60 سيڪڙو بيماريون خراب پاڻي سبب پيدا ٿين ٿيون، پر هو چون ٿا اهو ننڍڙو مسئلو آهي، آئون پڇان ٿو ته هي ڪهڙي سياست آهي، ڇا اهي ڀوتار اسان کي سڄي ڄمار لٽيندا رهندا؟ تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته  هاڻ پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻا هڻڻ جي ضرورت ناهي، اسان هنن کي ووٽ جي طاقت سان هارائي سگهون ٿا، ان ڪري سنڌ جا ماڻهو پنهنجو ووٽ “سَي نو ٽو ڪرپشن” جي بنياد تي ڏين، آبادگار ۽ هاري ڪمند، سارين ۽ ڦٽين جي اگهن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو ووٽ ڏين. ان موقعي تي امولک داس، راشد مري، محبوب مري، مير اعجاز ٽالپر، مشتاق جروار، مسعود وساڻ ۽ ٻين به خطاب ڪيو. امولک داس ۽ محبوب مري تبديلي پسندپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *