Friday , March 29 2024

سوڀوديرو جي پتافين ۽ ڪناسرن ۾ خوني تڪرار جو راڄوڻي ذريعي نبيرو

پتافين ۽ ڪناسرن پاران هڪٻئي جا 5 ماڻهو مارڻ جو اعتراف، ٻنهي ڌرين تي 93 لک رپيا ڏنڊ مقرر

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سوڀوديرو جي ڪناسرا ۽ پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇهن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، ڪراچي ۾ مير منظور پنهور جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين مٿان 93 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪري ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو ويو، مرحليوار ڪيس به خارج ڪيا ويندا. سوڀو ديرو جي مَڏَ ۾ ڪناسرا ۽ پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل 6 ورهين کان کان هلندڙ خوني تڪرار جو ڪراچي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ جرڳو ڪيو ويو، ڌرين وچ ۾ 6 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جي جرڳي ۾ مير فائق علي جمالي، ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي، محمد خان جوڻيجو، فدا حسين لنڊ مشيرن طور شرڪت ڪئي، جرڳي دوران ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ سرپئنچ منظور پنهور جي منظوري سان جرڳي جي فتوا ٻڌائي وئي، جرڳي ۾ پتافي برادري جي ڌر مٿان ڪناسرن جا ٽي خون ثابت ٿيڻ تي 49 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، اهڙي طرح ڪناسرا برادري جي ڌر مٿان پتافين جا 2 خون ثابت ٿيڻ تي 35 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي ۾ ڪناسرا ڌر طرفان مشير فائق علي جمالي، ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي ۽ پتافي ڌر طرفان محمد خان جوڻيجو، فدا حسين لنڊ مشير طور شرڪت ڪئي.

وڪيل صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائٽين جي قتل ڪيس، انصاف جي اميد ظاهر

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *