Friday , March 29 2024

سول ادارن ۾ رٽائرڊ فوجين جو تعداد ڪيترو آهي؟

نيشنل ڊولپمينٽ ڪونسل، اقتصادي ايڊوائزي ڪميٽي ۽ واپڊا جو چيئرمين ۽ اين ڊي ايم اي ۾ به رٽائرڊ فوجي ناهن، اوهان نالا ڇو نٿا کڻو: رضا رباني

ڇا مختلف اي اين ايف، سپارڪو، پي آءِ اي، ايرا، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ رٽائرڊ فوجي مقرر ناهن؟ سينٽر مشتاق غني / رضا رباني

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ملڪ جي سڀ کان مٿاهين / وڏي ايوان سينيٽ ۾ نيشنل ڊيٽا بيس انٽري اٿارٽي ( نادرا ) ۾ پاڪ فوج جي رٽائرڊ فوجين جي مقرري واري سوال تي حڪومتي سينيٽرز پاران نارضاگي جو اظهار، اپوزيشن ميمبرن پاران تفصيل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اڱاري ڏينهن چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل سينيٽ جي اجلاس ۾ ۾ ان وقت گرماگرمي ٿي وئي جڏهن، جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سينيٽر مشتاق غني چيو ته، مون نادرا ۾ رٽائرڊ فوجين جي نادرا ۾ ٻيهر ڀرتين بابت سوال ڪيو هو پر ان جو جواب نه ڏنو ويو، سوال جي جواب ۾ وري نادار جي سمورن ملازمن جي مقررين / ڀرتين بابت انگ اکر ڏنا ويا، ان کان اڳ 29 ڊسمبر تي به ان ئي سوال جو ذڪر به ٿيو هو. سينيٽر مشتاق غني چيو ته شماريات بيورو جي انگن اکرن مطابقا ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، نوجوان ڊگريون کڻي رُلي رهيا آهن پر کين روزگار نه پيو ملي ته ٻئي پاسي پاڪ فوج جي رٽائرڊ ملازمن کي سٺين پگهارن تي نادرا ۾ ٻيهر ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، انهن کي وڏا معاشي فائدا به ڏنا وڃن ٿا.

ان موقعي تي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر رضا رباني چيو ته، سينيٽر مشتاق غني جي هن سوال جو جواب وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي ڏيڻ گهرجي، پر عجيب روايت پئجي وئي آهي ته پنهنجن پنهنجن وزارتن بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ اچن ئي نٿا ۽ نه ئي ئي هن ايوان کي ڪا اهميت ڏين ٿا.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وفاقي وزيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته، سينيٽ اجلاس ۾ وفاقي وزير شرڪت ڪن ۽ پنهنجي پنهنجي وزارت بابت سوالن جا جواب ڏين، وزيرن جي اچڻ سان سينيٽرز نوان چهرا ڏسندا جيڪي وڏي عرصي کان ايوان ۾ نظر ئي ناهن آيا.

سوال پڇندڙ سينيٽر مشتاق غني، وفاقي وزير علي محمد خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪو سوال ڪيو انن جو جواب ناهي ڏنو ويو، اوهان اهو مڃيون ڇو نٿا ته، درزنن جي حساب سان رٽائرڊ فوجين کي نادرا سميت ٻين سول ادارن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي پر اوهان انهن جو تعداد ۽ نالا ايوان ۾ پيش ڪرڻ نٿا چاهيو، سينيٽر مشتاق چيو ته اوهان نادران ۾ ايترا رٽائرڊ فوجي مقرر ڪيا آهن جو هاڻي ان تي انهن جو جهڙوڪ قبضو ٿي ويو آهي. سينيٽر مشتاق غني جي اظهار تي وفاقي وزير علي محمد خان چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهي، ڇا اوهان سيڪيورٽي جا ذميدار آهيو ؟ جيڪڏهن نه تو پوءِ انهن کان ايتري نفرت ڇو ٿا ڪيو.

سينيٽر رضا رباني وفاقي وزير علي محمد خان کان سوال ڪيو ته؛ ڇا مختلف ادارن جي اهم عهدن تي رٽائرڊ فوجين کي مقرر ڪيو ويو آهي؟ اي اين ايف، سپارڪو، پي آءِ اي، ايرا ۽ ٻين ادارن ۾ اُهي مقرر ٿيل ناهن؟ رضا رباني چيو ته؛ ڇا نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم، نيشنل ڊولپمينٽ ڪونسل، اقتصادي ايڊوائزي ڪميٽي ۽ واپڊا جو چيئرمين رٽائرڊ فوجي ناهي؟ هن چيو ته اين ڊي ايم اي کان سول ايوي ايشن تائين لڳ ڀڳ سمورن ادارن ۾ رٽائرڊ فوجي مقرر ٿيل ناهن ڇا؟ اوهان ڳالهيون لڪايو ڇو ٿا؟

وفاقي وزير علي محمد خان چيو ته جيڪڏهن ڪير 25 سال سرحدن تي گولي کائڻ لاءِ تيار آهي ته ڇا اُن جو حق ناهي، سول ملٽري جي فرق ۽ نفرت جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ڇا مري ۾ پاڪ فوج ماڻهن کي ريسڪيو نه ڪيو؟ قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته ملٽري ملٽري جو رٽو ڇو لڳايو اٿوَ، ڇا فوج پاڪستان جي ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *