Wednesday , April 24 2024

سولجر بازار ۾ اسڪول ڊاهيندڙ ناڪام، شاگردياڻيون ۽ شاگرد ڪامياب

school building 5

ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ قائم تاريخي اسڪول کي ڊاهڻ واري ڪيس جي مک جوابدار ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسڪول بلڊوز ڪندڙ شاگردياڻين جا حوصلا ٽوڙي نه سگهيا، 1928ع کان هلندڙ اسڪول جي ڊاٿل عمارت جي ڍير تي ٻارڙن پڙهائي جاري رکي.

ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ 1928 ۾ قائم ڪيل اسڪول بلڊر مافيا پاران ڊاهي پٽ ڪرڻ باوجود شاگردن ۽ شاگردياڻين جا حوصلا بلند آهن.

اسڪول جي ڊاٿل عمارت جي ڍير تي استادن ۽ شاگردن پڙهائي وارو عمل جاري رکي بلڊر مافيا جي ارادن تي پاڻي ڦيري حڪومت جون به اکيون کولي ڇڏيون.

وڏي وزير جي هدايتن تي اسڪول ڊاهڻ واري معاملي جو اڻ ڄاتل جوابدرن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي پر، اڃاتائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي آهي.

سولجر بازار ۾ 1928 ۾ قائم ۽ قومي ورثو قرار ڏنل اسڪول بلڊر مافيا حد جي پوليس جي ملي ڀڳت سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو، جنهن جون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد سنڌ حڪومت جاڳي پئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه اسڪول جي عمارت ڊاهڻ جو نوٽيس وٺندي معاملي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسڪول ڊاهڻ واري واقعي جو تعليم کاتي جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر به نوٽيس وٺي اسڪول جي چوديواري اڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

school building 2

ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته اسڪول کي اصل حالت ۾ بحال ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي هدايتن تي اسڪول ڊاهڻ جو ڪيس سولجر بازار تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڪري ڇڏيو آهي.

school building 4school building 3

ٻي طرف معاملي جي جاچ ڪندڙ پوليس جو چوڻ آهي ته، ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر عدنان علي اسڪول جي عمارت ڊاهڻ ۾ ملوث آهي، جنهن خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته انسپيڪٽر عدنان جيڪو به عمل ڪيو آهي اهو ذاتي حيثيت ۾ ڪيو آهي، ان سان اداري جو ڪو به واسطو نه آهي.

ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته، انسپيڪٽر عدنان جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جو خدشو هجڻ سبب سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف ادارتي ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *