Friday , March 29 2024

سنگرار: گئس ڪمپنين مان مقامي پورهيتن جي نيڪالي خلاف پورهيت ميدان ۾ اچي ويا، صالح پٽ ۾ تيل جي کوهن کي تالا

سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ توڙي تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏئي سندن حقن تي ڌاڙا هڻي رهيون آهن، شروع کان جاري اهڙن ڏاڍاين خلاف احتجاج ته ٿيندا رهندا آهن، پر پورهيتن پاران سخت احتجاج ڪڏهن به ناهي ٿيو.

صالح پٽ واري علائقي ۾ ڏهاڙي تي ڀرتي ڪيل ڪجھ مقامي پورهيتن کي هڪ ڪمپني ڪڍي ڇڏيو، جنهن خلاف متاثر پورهيتن علائقي واسين جي مدد سان گئس جي کوهن کي تالا هڻي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.

صالح پٽ ۾ گئس ڪمپني مان جبري فارغ ڪيل ملازمن ۽ مقامي ماڻهن پاران گئس جي کوهن جي گيٽن کي تالا لڳائي ڪمپني انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. صالح پٽ جي علائقي سرنواري جي رهواسين ۽ ڪمپني جي ميانو-7، ميانو -5 ۽ کپرو هڪ جي گئس جي کوهن تان  فارغ ڪيل ملازمن گئس ڏيندڙ کوهن جي مين دروازن اڳيان مين دروازا  بند ڪري دروازن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪانو جي اک ڪڍندڙ گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙن غلام سرور مڱريو، جعفر مڱريو،  ساماڻو مڱريو، ڇٽو مهر، محمد مڱريو، سوڍو مڱريو، راحب مهر ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته صالح پٽ تعلقي مان او ايم وي ۽ ٻيون گئس ڪمپنيون وڏي مقدار ۾ گئس هٿ ڪري ڪڍي رهيون آهن، جنهن ۾ روزانو اربين رپيا ڪمائين ٿا پر هتان جي مقامي ماڻهن بدران ٻين صوبن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ نالي ماتر اسان جي 20 ماڻهن کي صرف چوڪيداري ڏني وئي هئي پر انهن کي به نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، هنن اسان کي 16 مهينن جون پگهارون به ناهن ڏنيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گئس ڪمپني مان زبردستي فارغ ڪيل مقامي ماڻهن کي نوڪري تي بحال ڪري رهيل پگهارون ڏنيون وڃن ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيستائين اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويندا، تيستائين احتجاج جاري رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *