Wednesday , April 24 2024

سنڌ ۾ 60، پنجاب 25 ڪرونا وائرس جا مريض، مجموعي انگ 80کان وڌي ويو

سنڌ ۾ 60، پنجاب ۾ 25 ڪرونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 80کان وڌي ويو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پاڪستان خاص طور تي سنڌ اندر ڪرونا وائرس جو مرض خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت سنڌ ۾ 60، پنجاب 25 ڪرونا وائرس جا مريض، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي جي مريضن جو انگ الڳ آهي، مجموعي انگ 85 کان وڌي ويو آهي، پنجاب، وفاقي ۽ ڪي پي حڪومت انتهائي لاپرواهي کان ڪم وٺي رهي آهي، سنڌ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر مريضن جو انگ ان کان ٻيڻ تي وڌي ويندو، ان جي تصديق هڪ جاءِ تي نه ڪئي ويندي. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جن ۾ جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار کي صحت کاتي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي ذريعن کان ڌار ڌار مليل ڄاڻ ۾ ڪرونا جي مريضن ۾ بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن. صحت کاتي سنڌ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطاب سنڌ ۾ 14 مارچ تي پنجاهه کان وڌيڪ مريضن جو انگ موجود هو، جيڪو اڄ 15 مارچ تي ظاهر ڪيل مريضن جي به گذريل ڏينهن تصديق ٿي هئي. ذريعن موجب سنڌ ۾ هن وقت به 60 کان وڌيڪ مريضن جو انگ موجود آهي، سنڌ ۾ ڪرونا وائرس انتهائي خطرناڪ حد تائين وڌڻ لڳو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين سنڌ ۾ جن مريضن کي ڪرونا جي تصديق ٿي آحي، جن ۾ حڪومت پاران ظاهر ڪيل يا ظاهر نه ڪيل آهن انهن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن جي عمر 50 سالن کان وڌيڪ آهي. سنڌ حڪومت ايران کان آيل زائرين لاءِ سکر ۾ قائم ڪيل قرنطينه ۾ 13 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سرڪاري سطح تي ڪرونا جي مريضن جو مجموعي انگ 35 ظاهر ڪيو پيو وڃي، جيڪو حقيقت ۾ 50 کان وڌيڪ آهي.

مٿئين اسڪرين شاٽ ۾ سنڌسماءَچار ۾ ڪرونا بابت بريڪنگ نيوز ڏني هئي، پر ڪجهه مجبورين سبب لائيو نه ڪري سگهياسين(سنڌسماءَچار سٿ)

ڪرونا وائرس جي سلسلي ۾ ملڪي صورتحال بابت جڏهن سنڌسماءَچار طرفان وفاقي حڪومت جي هڪ اهم ذميوار سان رابطو ڪيو ويو ته، هن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، اسلام آباد، لاهور ۽ راولپنڊي سميت مختلف شهرن جي رهواسين ۾ به ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جن جو انگ 25 کان وڌيڪ آهي، انهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت  “ ڪرونا پاڪستان بريڪ اپ ” جو اعلان ڪرڻ لاءِ مونجهاري جو شڪار آهي. وفاقي حڪومت جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي، ڪرونا وائرس اچڻ کان هيل تائين پنجاب حڪومت ڪن هن به قسم جق مثبت قدم ناهن کنيا، اسلام آباد، لاهور ۽ راولپنڊي کانسواءِ ٻين شهرن ۾ جتي سعودي عرب، ايران، عراق، آمريڪا، دبئي، قطر  سميت ڪرونا متاثر ملڪن مان آيل ماڻهن جي ڪنهن به طرح جي ڪا به طبي چچڪاس ناهي ٿي، جيڪو عمل انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *