Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ 253 ٻارڙا ڪرونا ۾ مبتلا، عورتن ۾ به ڪرونا وائرس وڌڻ لڳو

جيڪب آباد ۾ ٻن ڊاڪٽرز سميت 19 نوان ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 52 ٿي ويو

ڪراچي/ جيڪب آباد ( رپورٽر/ خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ٻارڙن ۽ عورتن ۾ پکڙجڻ لڳو آهي، صوبي ۾ هيل تائين 253 ٻارڙا وائرس ۾ مب تلا ٿي چڪا آهن، جيڪب آباد ضلعي ۾ ٻن ڊاڪٽرن سوڌو 19 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثر جو انگ 52 ٿي ويو آهي. صحت کاتي سنڌ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، سنڌ ۾ هيل تائين 253 ٻارڙن ۾ ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جن مان ڪجهه جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ جو امڪان گهٽ آهي، صحت کاتي جي هڪ عملدار موجب گذريل هڪ هفتي کان وٺي سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا  ڪرونا وائرس مبتلا ٿي رهيا آهن، جن جو تناسب وڌي رهيو آهيو، جنهن جو مک ڪارڻ مجبوري تحت گهرن کان ٻاهر ويندڙ  مرد آهن، جيڪي يا ته احتياط بلڪل به نه ٿا ڪن يا وري کاڌي پيتي جي کليل شين جو مارڪيٽ مان خريد ڪري کائڻ ٿي سگهي ٿو، جنهن سان گهر ۾ موجود ڀاتي متاثر ٿي رهيا آهن. ٻئي پاسي ڊي سي جيڪب آباد غضنفر علي قادري جو چوڻ آهي ته ضلعي اندر ڪرونا وائرس جي متاثرن جو مجموعي انگ 52 ٿي ويو آهي، جن ۾ ضلعي ۾ ٻن ڊاڪٽرن سميت 19 نوان مريض به شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *