Thursday , March 28 2024

سنڌ ۾ 19 گريڊ جا ڪامورا 20 ۽ گريڊ 20 جو 21 گريڊ تي مقرر ٿيندا

ڪراچي( رپورٽ آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي کان بچڻ لاءِ حل ڪڍي ورتو، من پسند ڪامورن ۽ پنهنجا نواز لاءِ پاڪستان ايڊمنسٽريٽِوِ رولز تحت ڪامورن جي مقررين کي ”فلوٽنگ پوسٽس“ قرار، سنڌ ڪابينا 20هين ۽ 21هين گريڊ جي پوسٽن تي مقررين (او پي ايس جيان ) لاءِ ” فلوٽنگ پوسٽس“ لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي او پي ايس تي هيٺئين گريڊ جي ڪامورن جون مٿئين گريڊ تي مستقل يا او پي ايس تي مقررين خلاف ڏنل في فيصلي جي  خلاف ورزي کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت نئون طريقو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.24  آگسٽ اڱاري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ويهين ۽ ايڪويهين گريڊ جي خالي پيل پوسٽن تي مقررين تي ترتيبوار 19هين ۽ 20هين  جي ڪامورن کي عارضي چارج ڏيڻ وري معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا 20هين ۽ 21هين گريڊ جي پوسٽن کي ”فلوٽنگ“ قرار ڏئي ڇڏيو. فلوٽنگ جي منظوري بعد هاڻي 19 گريڊ جو آفيسر 20 گريڊ ۽ 20 گريڊ جو آفيسر 21 گريڊ جي پوسٽ تي مقرر ٿي سگهندو، جنهن جا سمورا ضابطا او پي ايس تي مقرري وارا ئي هوندا.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ ويهين ۽ ايڪويهين گريڊ جون 58 پوسٽون خالي پيل آهن،گريڊ 21 جي 25 پوسٽن مان 16 پوسٽون پي اي ايس جون آهن ۽ سنڌ  ۾ پي ايس جا صرف 5 ڪامورا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 11 پوسٽون خالي هئڻ ڪري سرڪاري ڪم ڪار متاثر ٿيڻ سان گڏ عوام به پريشان آهي. 20 گريڊ جي 142 پوسٽن مان 48، گريڊ 19 جي 277 پي اي ايس پوسٽن مان 34 پوسٽون خالي پيل آهن.

هاڻي چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، چيئرمين چيف منسٽر انسپيڪشن اينڊ انڪوائريز ٽيم، چيئرمين اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ اينڊ انڪوائريز ڪمشنر ڪراچي سميت 20 ۽ 21 گريڊ جي سمورين پوسٽن کي ”فلوٽنگ“ قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن تحت گريڊ 19 جو آفيسر 20 ۽ گريڊ 20 جو آفيسر 21هين گريڊ جي پوسٽ تي فلوٽنگ واري نئين اصول تحت مقرر ٿي سگهندو، جنهن سان هاڻي سنڌ حڪومت، سپريم ڪورٽ جي او پي ايس تي مقررين واري فيصلي جي خلاف ورزي کان بچي سگهندي ۽ اهڙي مقرري توهين عدالت نه ليکبي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *