Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي آڳاٽي فصل ۾ لابارو، سنڌ حڪومت بيخبر بڻيل، امدادي اگهه مقرر نه ٿيو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سانگهڙ، ٽنڊو الهيار، مٽياري، حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ ڪڻڪ جي آڳاٽي فصل ۾ لابارو پئجي ويو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ نئين ڪڻڪ به مارڪيت ۾ اچي وئي آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين بيخبر هجڻ ڪري ڪري امدادي اگهه مقرر ٿي ناهي سگهيو، ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر نه ٿيڻ ڪري آبادگار وري پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن. سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران اڃا تائين ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي بابت ڪا به پاليسي نه جوڙي سگهي آهي. ڪڻڪ جا آبادگار ۽ ننڍا کاتيدار به ڪمند جي آبادگارن جيان پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن. سنڌ ۾ ٽنڊو الهيار، سانگهڙ، ميرپور خاص، مٽياري، نوابشاهه ۽ حيدر آباد ضلعن سميت مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ جا لابارا ۽ ڳاهه شروعر ٿي ويو آهي، ٽندو الهيار نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر نه ٿيڻ ڪري آبادگار خاص طور تي ننڍا کاتيدار پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن. خوراڪ کاتي پاران اڃا تائين بارداڻو مهيا ڪرڻ، ڪڻڪ جي خريداري جي سينٽرز کولڻ لاءِ به ڪي قدم ناهن کنيا. جنهن جي نتيجي ۾ آبادگار واپارين هٿان ٺڳجڻ لڳا آهن.

واپارين ڪڻڪ جو في مڻ 11 کان ساڍا 11 سئو رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ننڍن کاتيدارن ۽ هارين کي معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر لکي محمد بوزدار ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ، ڪمند جي ڪٽائي وقت سر نه ٿيڻ ۽ ڪيلي جي پوکائي ۾ اضافي سبب حڪومت پاران ڪڻڪ جي پوکائي بابت ڏنل ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگهيو آهي. خوراڪ کاتي جي عملدار غلام محمد لغاري ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سينٽر کولڻ جو ناهي چيو، جڏهن ته اندازو آهي ته اپريل جي پهرين هفتي ۾ سينٽر کولي 13 سئو روپيا في مڻ جي حساب سان خريداري شروع ڪئي ويندي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته، ڪڻڪ جو آڳاٽو فصل لهي پيو آهي، پر سنڌ سرڪار اڃا تائين خريداري سينٽر نه کُوليا آهن، جڏهن ته واپاري هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته 5 سال اڳ سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 1300 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، پر هاڻي ڊالر به مهانگو ٿيڻ سبب دوائن ۽ ڀاڻ جا اگهه به وڌي چڪا آهن، هن ڀيري ڪڻڪ جو مناسب اگهه مقرر ڪري آبادگارن کي معاشي قتلام کان بچايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *