Thursday , April 25 2024

سنڌ ۾ ڪرونا ٻيهر تيزي سان پکڙجڻ لڳو، ڪراچي ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي، حڪومت خاموش

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪرونا جي ٻي لهر تيزي سان پکڙجڻ لڳي، سڀ کان وڌيڪ ڪيس سنڌ ۾ ظاهر ٿيڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ راڄڏاني شهر ڪراچي ۾ ڪرونا جي صورتحال خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، 9 نومبر تي سنڌ ۾ ظاهر ٿيل 627 ڪيسز مان صرف ڪراچي شهر ۾ 507 ڪيس رپورٽ ٿيا، سنڌ ۾ مجموعي طور 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جن مان 3 ڄڻا حيدرآباد ۾ علاج دوران حياتيون وڃائي ويٺا. سنڌ ۾ ڪرونا جي ٻيهر تيزي سان پکڙجڻ جي باوجود سنڌ حڪومت لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، شهر جي سمورين ننڍين وڏين بازارن، شاپنگ مالز، ريسٽورنٽس ۽ هوٽلز سميت مسافر گاڏين ۾ به ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ انتظاميا نظر نه ٿي اچي. شهرين پاران ايس او پيز جي بنياد شرط ماسڪ پائڻ تي به عمل نه ڪري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ اڃا  به وڌيڪ اضافي جو خطرو وڌي ويو آهي. ڪراچي جي اڪثر نجي تعليمي ادارن ۾ سماجي وٿي سميت اڪثر ايس او پيز تي عملدرآمد نه پيو ڪيو  وڃي، اسڪول وينز ۾ به سينيٽائزر، ماسڪ جي استعمال ۽ سماجي وٿي کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ڪرونا جي وبا تي ضابطو اچي ناهي سگهيو.حيدرآباد ۾ 34، ٺٽي ۾ 10، مٽياري ضلعي ۾ 8، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ 6-6 ڪرونا جا ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، اهڙي طرح سکر ۾ 5، نوشهروفيروز ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 3-3، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، عمرڪوٽ، گهوٽڪي، قمبر ۽ دادو ۾ 2-2 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *