Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ ڪرونا جِي وبا جو زور، 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون لاڳو

لاڪ ڊائون دوران ايڪسپورٽ جي شعبي سان لاڳاپيل سمورا ڪارخانا ايس او پيز تحت کليل رهن

شهري ڪرونا ويڪسينيشن سرٽفيڪٽ کانسواءِ گهرن مان به نڪري نه سگهند، سيڌي سامان جا دڪان، پيٽرول پمپس، ڀاڄين، ميووي جا دڪان ۽ ميڊيڪيل اسٽورز کليل رهندا

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا جي وبا زور وٺي وڃڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت صوبي ۾ سڀاڻي پهرين آگسٽ کان 8 آگسٽ تائين  مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو، ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کانسواءِ گهرن کان ٻاهر به نڪري نه سگهبو. وڏي وزير سيد مراد علي ساهه جيي صدارت هيٺ سنڌ ڪرونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس کي صحت کاتي پاران ڪرونا  جي تازي صورتحال ۽ مثبت ڪيسز  بابت بريفنگ ڏني وئي، لڳ ڀڳ چئن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪرونا جي وبا ٻيهر وڌندڙ ڪيسز خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران ڪرونا جي مريضن جي فوتگين جو انگ هيل تائين ڪرونا جي وبا سبب فوت ٿيل مريضن جي انگ کان وڌيڪ رهيو آهي.

ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ طبي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن کان به راءِ ورتي وئي جن صوبي ۾ فوري طور تي لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي، ذريعن موجب ڊاڪٽرز ۽ صحت کاتي جي اختيارين پاران ٻن هفتن لاءِ سڄي سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه ٻن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون لڳائڻ واري تجويز رد ڪندي اَٺن ڏينهن لاءِ پهرين آگسٽ (سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن) کان 8 آگسٽ تائين مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي منظوري ڏني.

ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ واري فيصلي ۾ ڪرونا کان بچاءَلاءِ لاڳو ڪيل ضابطن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ ۽ انهن تي سختي سان عملدارآمد ڪرائڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته لاڪ ڊائون دوران ڪو به شهري بنا ڪنهن سخت مجبوري يا ضرورت جي گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهندو، گهرن کان ٻاهر نڪرندڙ ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪرونا ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ پاڻ سان گڏ کڻي نڪرن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. لاڪ ڊائون دوران پيٽرول پمپس، ٽائر شاپس، سيڌي سامان، ڀاڄين، ميووي جا دڪان / ريڙها، ميڊيڪل اسٽورز (ميڊيڪل اسٽورز سان گڏ هلندڙ جنرل اسٽورز کانسواءِ) ڪرونا کان بچاءَ لاءِ لاڳو ضابطن تحت کليل رهندا، جيڪڏهن انهن دڪانن وارن ضابطن جي ڀڃڪڙي يا وقت جي پابندي نه ڪئي ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌ ٽاسڪ فورس جي اجالس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي حڪومت جي سمورن ملازمن لاءِ ڪرونا ويڪسين لڳرائڻ لازمي هوندو، سمورن ملازمن کي 31هين آگسٽ تائين ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مطابق 31هين آگسٽ تائين ڪرونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪيون وينديون ۽ ويڪسين نه ڪرائيندڙ عام شهرين جي موبائل سمز کي بلاڪ ڪيون ويندو. ٽاسڪ فورس فيصلو ڪيو آهي ته صوبي ۾ هلندڙ ايڪسپورٽ جي شعبي سان لاڳاپيل صنتون کليل رهنديون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *