Thursday , April 25 2024

سنڌ ۾ ڪرونا جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر، انگ 3 ٿي ويو

ڪراچي واسي 69 سالن جي پيرسن کي ڪرونا وائرس جي تصديق، سنڌ ۾ 3 ۽ ملڪ ۾ مريضن جو انگ 5 ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا جو هڪ وڌيڪ ڪيس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، گادي واري شهر ڪراچي واسي 69 ورهين جي پيرسن کي وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد سنڌ ۾ مجموعي طور مريضن جو انگ 3 ۽ ملڪ ۾ 6 ٿي ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته خميس ڏينهن ڪرونا جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، 69 ورهين جي پيرسن کي اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهي جتي سندس علاج هلندڙ آحي ۽ طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي. وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته مريض سان واسطيداري ۾ ايندڙ سمورن ماڻهن کي هٿ ڪري سندن ڪرون وائرس جون سموريون طبعي چڪاسون ڪريون وڃن. وڏي  وزير چيو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪرونا وائرس متاثر مريضن جو مجموعي انگ ٽي ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آاهي ته سنڌ ۾ ڪرون جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مريضن جو مجموعي انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *