Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ ڪرونا پکڙجڻ جا ٻه وڏا ذريعا پرڏيهه مان زائرين ۽ مقامي طور تبليغي آهن:سنڌ حڪومت جا ذريعا

زائرين ۽ تبليغين کي روڪڻ تي سنڌ حڪومت جي اهم ذميوارن به مذهبي ۽ فرقيواريت جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) “سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ جا 2 وڏا ذريعا آهن، هڪ ايران مان آيل زائرين ۽ مقامي سطح تي وائرس پکڙجڻ جو ذريعو تبليغي جماعت جا سنڌ ۾ لٿل ڪٽڪ آهن”، اهو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي هڪ اهم عهدي تي موجود ڪاموري جو، صحت کاتي جو چوڻ آهي ته،  سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا اڄ وڌيڪ 61 ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثر مريضن جو انگ وڌي 627 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ وڏي پئماني تي پکڙيل ڪرونا وائرس بابت سنڌ سماءَچار کي صوبي جي اهم عهدي تي ويٺل ڪاموري نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، “سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ جا 2 وڏا ذريعا آهن، هڪ ايران مان آيل زائرين ۽ مقامي سطح تي وائرس پکڙجڻ جو ذريعو تبليغي جماعت جا سنڌ ۾ لٿل ڪٽڪ آهن”، سندس چوڻ هو ته، “ جڏهن ايران مان تفتان پهتل زائرين کي ڪئمپس ۾ رکيو ويو هو، جن ۾ شروعاتي طور آيل زائرين ۾ 90 سيڪڙو سنڌ جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ هئا، سنڌ حڪومت جي هڪ ذميوار آفيسر جڏهن وڏي وزير کي صلاح ڏني ته انهن سمورن زائرين کي بنا ڪنهن رعايت جي ڪنهن اهڙي جاءِ تي ڪورنٽائين سينٽر ٺاهي رکيو وڃي،جتي سندن مڪمل ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو وڃي، وائرس مبتلا ماڻهن کي ڌار ۽ شڪي متاثرين کي ڌار رکيو وڃي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ٻن وزيرن ۽ هڪ صلاحڪار ان ميٽنگ ۾ فرقيواريت واري پوائنٽ رکي معاملي کي الجهائڻ جي  ڪوشش ڪئي، پر وڏي وزير مراد علي شاهه انهن ٽنهي کي سخت ڇنڊ پٽيندي خاموش ڪرائي ڇڏيو هو، جنهن بعد سکر ۾ ڪورنٽائين سينٽر قائم ڪيو ويو”.

ان ڪاموري هڪ ٻيو به انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته “سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن جي مختلف علائقن ۾ پهتل سوين زائرين کي تفتان بارڊر وٽان انتظامي لاپرواهين جي مختلف ذريعن سان کين اتي قائم ڪورنٽائين ڪئمپ ۾ رکڻ ۽ طبي چيڪ اپ ڪرڻ جي ڇڏيو ويو، جنهن عمل ۾ انتظامي لاپرواهين جا سمورا وسيلا استعمال ٿيا”، هن ٻڌايو ته، انهن سمورن ماڻهن جي سنڌ ۾ داخلا جو مک دڳ حب کان ڪراچي ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد وارو روٽ وڌيڪ استعمال ٿيندو رهيو آهي، ان ۾ زائرين پنهنجن علائقن تائين پهچڻ لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کي استعمال ڪيو آهي آهي، جيڪو اڃا تائين جاري آهي”. هن ٻڌايو ته زائرين جو هڪ وڏو انگ خيرپور، دادو، ٽنڊو الهيار، مٽياري، لاڙڪاڻو، روهڙي، ڪوٽڏيجي، فيض گنج، نوابشاهه، نوشهروفيروز سميت مختلف علائق شامل آهن.

ان سلسلي ۾ گهرو کاتي جي هڪ اهم ذميوار آفيسر رابطو ڪرڻ تي سنڌسماءَچار کي نالي نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ ۾ هڪ بيماري طور ڊيل ڪرڻ جي ڪوششن کي فرقيواريت مذهبي روين تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ هيل تائين سنڌ ۾ مقامي سطح تي وائرس جي ڦهلجڻ جو وڏو ذريعو تبليغي جماعت جي سنڌ ۾ پهتل گروپن ذريعي پکڙيو آهي، هيل تائين ڪراچي کي ڇڏي ڪري سنڌ جي ٻيل علائقن جا جيڪي به مقامي رهواسي ڪرونا ۾ متاثر ظاهر ٿيا آهن، اهي تبليغي جماعت سان گڏ موجود هئا يا رائيونڊ مان آيا آهن. هن ٻڌايو ته تبليغي جماعت ۽ زائرين جيڪي پاڻ کي ڪورنٽائين نه ٿا ڪن يا هيل تائين ناهي ڪيو، اهي پاڻ ۽ جن جن ماڻهن سان اهي مليا آهن، اُهي سڀ ڪرونا وائرس جا شڪي مريض آهن، جن کي ڪورنٽائين ۾ رکڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ وڏي پئماني تي وائرس جي پکڙجڻ ۽ وڏي انساني الميي کي روڪڻ ممڪن نه رهندو. سندس چوڻ هو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جيڪي ابتدائي قدم کنيا اهي اهڙا هئا جيڪي مقامي سطح تي ڪرونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سئو سيڪڙو عالمي معيار جا هئا، پر افسوس ته وفاقي حڪومت ايئ.رپورثٽس بند نه ڪيا، ڪراچي ايئرپورٽ تان به ماڻهو آيا، پر اهو انگ تمام گهٽ هو ۽ انهن کي ڳولي هٿيڪو ڪرڻ به آسان هو ۽ سنڌ حڪومت ڪافي ماڻهن تائين پهتي به هئي، پر زائرين ۽ تبليغين وارو معاملو انتهائي سنجيده آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *