Tuesday , April 23 2024

سنڌ ۾ پ پ جا روايتي مخالف هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم، ڪنگري هائوس تي پير پاڳاري جي سربراهي ۾ اجلاس

ڪراچي ( اصغر آزاد- سنڌسماءَچار) فنڪشڻل ليگ ۽ ارباب غلام رحيم سميت پيپلز پارٽي جا روايتي مخالف هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن، فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيرپاڳاري جي سربراهي ۾ سندس رهائشگاهه ڪنگري هائوس تي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اڳوڻن وڏن وزير سيد غوث علي شاهه، ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، سيد مظفر حسين شاهه کانسواءِ ، وزير مرتضيٰ جتوئي، صدر الدين شاهه، نون ليگ جي ايم پي اي حاجي شفيع ڄاموٽ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ايندڙ عام چونڊن ۾ هڪ ئي نشان تحت اليڪشن ۾ حصو ورتو ويندو، جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن کان چونڊ نشان ووڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي، اڳواڻن چيو آهي ته اتحاد کي اليڪشن ڪميشن وٽ رجسٽر ڪرائي چونڊ نشان لاءِ به درخواست ڏني ويندي. اجلاس ۾ اياز لطيف پليجو کي اتحاد جو جنرل سيڪريٽري ۽ سردار رحيم کي ترجمان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيرپاڳاري چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سمورن تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهاريا ويندا. هن چيو ته 26 نومبر تي سکر واري جلسي ۾ عوام کي ٻڌائينداسين ته هنن پيپلزپارٽي جي 9 سالن واري دور ۾ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو. اياز لطيف پليجو چيو ته 2018 ۾ شفاف چونڊون ٿيون ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ڪاميابي ماڻي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندو. ان موقعي تي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪمرانن سنڌ کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي، صوبي جون زمينون ڌارين کي وڪرو ڪيون ويون آهن. هنن سنڌ کي ٽڪران ٽڪرن ۾ ملڪ رياض ۽ ٻين وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيئن بدين جي عوام کي سجاڳ ڪري پيپلزپارٽي کي شڪست ڏني، تيئن 2018 جي اليڪشن ۾ سموري سنڌ کي چونڊن لاءِ تيار ڪنداسين.

پير پاڳاري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو 26 نومبر تي سکر ۾ جلسو پڻ ڪيو ويندو جنهن کي پير پاڳارو  ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *