Thursday , April 25 2024

سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ گندوپاڻي مهيا ڪرڻ وارو مامرو، سپريم ڪورٽ دستاويزي فلم چونڊيل نمائندن کي ڏيکارڻ جي هدايت

larkano swage water

سپريم ڪورٽ سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال بابت ڪميشن جي مدي ۽ اختيارن جو دائرو وڌائيندي سنڌ حڪومت کي چيف سيڪريٽري ۽ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جي بدلين کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت ڪميشن جي پاڻي فراهمي بابت دستاويزي فلم سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي موڪلڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري   سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت  تفصيلي فيصلو  جاري ڪندي ڪميشن جي مدي ۽ اختيارن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جي بدلين کان روڪيندي  سنڌ حڪومت کي عدالت جي حڪمن تي عملدرآمد جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن سنڌ حڪومت جي ٽاسڪ فورس ذريعي پنهنجن حڪمن تي عملدرآمد ڪرائيندي ۽ ٽاسڪ فورس کان ماهوار رپورٽ به وٺندي.

عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان جڏهن ۽ جيئن  به چاهي  حڪم جاري ڪري سگهي ٿي، جيڪي سپريم ڪورٽ کانسواءِ ڪٿي به چئلينج نه ٿي سگهندا.

عدالتي فيصلي ۾ ڪميشن سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي رپورٽ جي واکاڻ سان گڏ ان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حصو بڻايو ويو آهي.

water drinking2

سپريم ڪورٽ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال جي بدتر صورتحال تي ٺهيل دستاويزي فلم سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي چئن مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *