Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ٿو ملي، شهيد صوفي شاهه عنايت وطن دوستي جو اڻ مٽ مثال آهي: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ٺٽو( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار)  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، سنڌ ۾ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به نه ٿو ملي، اسپتالن ۽ روڊ رستن جي حالت به انتهائي خراب آهي، بار ۽ بئنچ کي سستي ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار ايمانداري سان نڀائڻ جي ضرورت آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل ٺٽو جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، سنڌ جي روڊ رستن جي حالت خراب آهي، ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر نه آهي، صوبي ۾ صحت جون سهولتون به اڻپوريون آهن، اسپتالن ۾ دوائن سميت ٻين سهولتن جي کوٽ جون به دانهون اچن ٿيو، ڪيترن ئي ضلعن ۾ ججز جي اوچتن دورن دوران، عملي سميت دوائن جي به کوٽ سامهو آئي آهي. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ٺٽو  تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهيو آهي، جتي علم ۽ ادب جون وڏيون يونيورسٽيون ۽ درسگاهون هيون، ٺٽي کي سنڌ جي راڄڌاني رهڻ جو اعزاز پڻ حاصل رهيو آهي. هن چيو ته صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنهنجي دور ۾ وڏا علمي ۽ فقيراڻي طبيعت جا مالڪ هجڻ سان گڏوگڏ علائقي ۾ سندن وڏو ڪردار هو، جن هميشه صوفين جي ڌرتي سنڌ ۾ پيار، امن ۽ ڀائپي جو پيغام عام ڪيو. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شهيد صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ شهيد دولهه درياءَ خان سنڌ جا محب وطن عالم هئا، جن دين ۽ علم جي شاندار خدمت ڪئي. هن چيو ته صوفي شاهه عنايت جهڙا بهادر انسان به هن خطي ۾ پيدا ٿيا، جن وطن دوستي جو ثبوت ڏنو ۽ تاريخ رقم ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ادب لاءِ ٺٽي جي عالمن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. ان موقعي تي چيف جسٽس احمد علي شيخ، سنڌ جوڊيشل ڪامپليڪس جي ڊائريڪٽر جنرل رٽائرڊ جسٽس خلجي عارف حسين، سيشن جج ٺٽو عبدالنعيم ميمڻ گڏجي ٺٽي ۾ جوڊيشل ڪامپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکيو، بعد ۾ هن مڪلي قبرستان جو دورو ڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، دولهه درياءَ خان، ڄام نظام الدين ۽ ٻين شخصيتن جي مزارن تي حاضري پڻ ڀري.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *