Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ پوليسنگ نه ”ٻيو ڪجهه“ ٿي رهيو آهي: آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي

   اڳوڻو آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا  –  نئون آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي نئين مقرر ڪيل آءِ جي اجمد جاويد سليمي، اڳوڻي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي ڪارڪردگي کي اڻسڌي طرح سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي، امجد جاويد سليمي چيو آهي ته، سنڌ پوليس جي مختلف شعبن جو پاڻ ئي رابطو نظر نه ٿو اچي، ڪراچي سميت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو نه پر ٻين ادارن جو ڪردار آهي. سينٽرل پوليس آفيس ۾ ٿيل سندس صدارت هيٺ سنڌ پوليس جي آفيسرز ۽ مختلف شعبن جي سربراهن جي ٿيل اجلاس دوران ڳالهائيندي، آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته، ڪراچي ۾ امن امان پوليس نه پر ٻين ادارن جي ڪوششن سان قائم ٿيو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته، سنڌ ۾ پوليسنگ نه پر ” ٻيو ڪجهه “ ٿي رهيو آهي. تعجب آهي ته پوليس جي پنهنجي ئي مختلف شعبن جو هڪ ٻئي سان ڪو به رابطو ناهي، هرڪو پنهنجي منهن ڪم پيو ڪري. امجد جاويد سليمي جو چوڻ هو ته، ڪيسن جي جاچ ڪندڙپوليس جو جاچ وارو شعبو جديد ضرورتن کان وانجهيل آهي، جاچ آفيسرن کي جديد ٽيڪنالوجي سان ڪيسن جي جاچ ڪرڻ گهرجي پر انهن کي اهي سهولتون به ناهن.

نئين مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي جي اهڙي بيان بعد اڳوڻي سنڌ سرڪار خاص طور تي اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ سنڌ پوليس جي مختلف شعبن ۽ انهن جي سربراهن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *