Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي ذميوار وفاقي سرڪار آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو ذميوار وفاقي سرڪار کي قرار ڏيندي چيو آهي ته، پاڻيءَ جي کوٽ رڳو سنڌ ۾ نه آهي، پر ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جا ماڻهو به روئي رهيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ افطار تقريب ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته نون ليگ وفاق کي ون يونٽ جي طرز تي هلايو، لوڊشيڊنگ رڳو جاتي امراءَ مان ختم ٿي آهي، باقي سمورو ملڪ عذاب ڀوڳي رهيو آهي، شريف ڀائر لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ وارو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، لاڙڪاڻي ۾ به 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿي رهي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته، عمران خان کي عوامي مسئلن سان ڪا دلچسپي نه آهي، سندس نظرون رڳو ڪرسيءَ تي آهن، جيڪي ڪالهه قومپرست بڻيل هئا اڄ اهي جهنڊي جو رنگ تبديل ڪري رهيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ اين اي 200 تان چونڊون وڙهندس، نصرت ڀٽو، شهيد ڀٽو ۽ بينظير به ان تڪ تان اليڪشن وڙهي ۽ ڪامياب ٿيا مونکي به توهان ئي ڪامياب ڪندئو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاڻي جي ورڇ ۾ انصاف نه پئي ڪري، سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ جو ذميوار وفاق آهي، لوڊ شيڊنگ ختم ٿيڻ بابت شريف ڀائر ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته عمران خان جي منشور ۾ ڪالا باغ ڊيم شامل آهي، هو سنڌ جو همدرد ناهي. لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ افطار تقريب ۾ آصفه ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر پڻ شريڪ هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *