Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 35 سيڪڙو ٿي وئي،ڪمند سوڪهڙي، ڪيلي ۽ انبن جا باغ متاثر

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ۾ گهٽتائي اچڻ بدران وڌي رهي آهي، ارسا ترجمان موجب سنڌ هن وقت 37 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، آبپاشي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، حقيقت ۾ سنڌ ۾ 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن جي نتيجي پوکيل فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن. پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻ نه هجڻ برابر آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو زرعي استعمال لاءِ پاڻي اڻلڀ آهي پر پيئڻ ۽ جانورن لاءِ به پاڻي نه هجڻ برابر آهي، بدين، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي.

ارسا ترجمان پاران ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بابت جاري ڪيل تفصيلن مطابق هن وقت ڊيمن ۾ 3 لک 90 هزار ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود آهي، جنهن مان دريائن ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 21 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. ارسا موجب پنجاب کي 67 هزار 500 ڪيو سڪ پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته، سنڌ کي 6 مئي تي صرف 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي آبپاشي کاتي سنڌ جي هڪ عملدار نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، سنڌ کي 45 هزار نه پر 42 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. سنڌ ۾ ارسا جي انگن اکرن مطابق جيڪا کوٽ 37 سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي اها اصل ۾ 35 سيڪڙو آهي.  ارسا ترجمان موجب ڪي پي کي 3 هزار هڪ سئو ۽ بلوچستان  کي 5 هزار 900 ڪيسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي.

پاڻي جي کوٽ جو مجموعي طور تي گهٽ ۾ گهٽ پاڻي سنڌ کي ڏنو پيو وڃي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب وونئڻن جي پوکي سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهنجو نتيجو ڦٽين جي پيداوار کي سخت نقصان رسڻ جو امڪان آهي. هن وقت بيٺل فصل خاص طور تي ڪمند، ڪيلو، ليمان، انب به پاڻي جي کوٽ جي ڪارڻ متاثر ٿي رهيا آهن. جنهن سبب هن سال انبن جي پيداوار ۾ لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *