Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي، معاملو نيب حوالي ٿيڻ جو امڪان

وڻ لڳائڻ ۾ سنڌ حڪومت کي آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟: وقتي چيف جسٽس عظمت سعيد

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي وارو معاملو نيب حوالي ٿيڻ جو امڪان آهي، سپريم ڪورٽ ٻيلن جي واڍي ۽ ٻيلا نه پوکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آخرڪار سنڌ حڪومت ٻيلن جو تحفظ پنهنجي اوليتن ۾ شامل ڇو نه ٿي ڪري. سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس، جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ قائم بئنچ سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي بابت صوبائي حڪومت جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪيس نيب کي موڪلڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو  آهي. سپريم ڪورٽ ۾ وقتي طور چيف جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ بئنچ سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وقتي طور چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻيلن جي زمين آجي ڪرائڻ جو حڪم اڳ ئي ڏئي چڪا آهيون. هن چيو ته ڪيس اڪلائڻ جي فيصلي جي آخري لائين اوهان کي ياد رهندي ته عدالتي حڪم کان پوءِ جاچ ادارا ڄاڻن ۽ سنڌ ڄاڻي، پر اڳڀرائي رپورٽ ۾ لکيل آهي ته ڪابينا جي فيصلي جو انتظار آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ايڊوڪيٽ جنرل وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڳالهائي ۽ يقيني بڻايو وڃي ته سڀئي فيصلا وقت سر ٿين. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت آخر فيصلو ڇو نٿي ڪري سگھي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته ٻيلا ۽ وڻ لڳائڻ سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، وڻ لڳائڻ ۾ سنڌ حڪومت کي آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟ ان تي عدالت ۾ موجود چيف ڪنزرويٽو فاريسٽ به حڪومتي فيصلن ۾ دير تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومت جي فيصلن ۾ دير سبب ٻيلي کاتي جو عملو غير محفوظ ٿي رهيو آهي، ٻيلي کاتي جي عملي تي منشيات جا ڪوڙا ڪيس لڳايا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *