Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ هلندڙ منصوبن لاءِ فنڊز جاري نه ڪرڻ صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ وفاقي منصوبن لاءِ سنڌ حڪومت کي آئنده سڌا پئسا نه ڏيڻ واري اعلان تي رد عمل ظاهر ڪندي سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي کي سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت سمجهون ٿا، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته پ پ حڪومت 11 سالن دوران عوام لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته آئين ۾ واضح لکيل آهي ته جيڪو به ترقياتي ڪم ٿيندو، اهو صوبائي حڪومت جي مشوري سان ڪرايو ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي تي حيرت ۽ افسوس ٿئي ٿو، سنڌ حڪومت هر فورم تي ان خلاف آواز اٿاريندي. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي خرم شير زمان ڳالهائيندي چيو ته پ پ حڪومت 11 سالن دوران سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. هن چيو ته هاڻي جيڪي به منصوبا ايندا اهي گورنر جي نگراني ۾ هوندا ۽ سنڌ جي عوام کي واضح ترقي ۽ تبديلي نظر ايندي. وفاقي حڪومت جي فيصلي تي ڳالهائيندي ناليواري قانوندان شهاب اوستو چيو ته اهڙي فيصلي مان لڳي ٿو ته ڄڻ ملڪ ۾ ٻيهر ون يونٽ لاڳو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آئين تحت گورنر وزير اعظم نه پر رياست جو نمائندو هوندو آهي، جنهن کي صوبائي حڪومت جي مشوري سان هلڻو پوي ٿو. هن چيو ته هاڻي پ پ کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ ان ڳالهه جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي ته اهڙي صورتحال ڇو پيدا ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *