Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم، سڀ ڪجهه کُلندو پر پر تعليمي ادارا بند رهندا

لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ ۽ تعليمي ادار وڌيڪ 10 ڏينهن بند رکڻ جو فيصلو وڏي وزير جي ميزباني هيٺ ٿيل اجلاس کان اڳ ۾ ڪيو ويو، اجلاس دوران صرف فيصلا ٻڌايا ويا: ذريعا

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَ چار) وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وزيراعظم عمران خان جي رابطن جو نتيجو، سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ سبب لڳايل لاڪ ڊائون ختم، آگسٽ جي ٻئي هفتي کان پوءِ سختيون وڌيڪ نرم ۽ سيپٽمبر ۾ ٻيهر سخت ڪرڻ جو به امڪان، بازارن ۽ شادي هالز سمييت سمورا ڪاروباري مرڪز اڄ کلي ويندا، پر تعليمي ادارا بند رهندا، فيصلو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وزيراعظم عمران خان سان فون تي رابطو ٿيڻ بعد ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت عالمي وبا ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ سبب وبا تي ضابطي جي لاءِ 31هين جولاءِ کان 9 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون لڳايو هو، جنهن تي وفاقي حڪومت پاران سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.

ان سلسلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سيد مراد علي شاهه گذريل ڇنڇر 7 جولاءِ  تي وزيراعليٰ هائوس ۾ اين سي او سي جو اجلاس سڏايو، ڇنڇر تي ٿيل اجلاس ۾ رٿابندي وارو وفاقي وزير ۽ اين سي او سي سربراهه اسد عمر، ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان، وزيراعظم جي سي پيڪ اسپيشل اسسٽنٽ خالد منصور سميت وفاي حڪومت جي مختلف ادارن جي عملدارن به شرڪت ڪئي هئي.

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ واري فيصلي ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس بابت ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، کان اڳ ۽ اجلاس کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جون اسد عمر ۽ ٻين اختيارين سان ڌار ڌار ملاقاتون به ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اين سي او سي جي اجلاس کان اڳ ۾ وڏي  وزير جون وفاقي حڪومت  جي ٻن اهم عملدارن سان ڌار ملاقات به ڪئي هئي جنهن ۾ لاڪ ڊائون بابت تقريبن سمورا معاملا طئي ڪيا ويا هئا، اجلاس ۾ صرف بريفنگ ڏيڻ بعد فيصلا ٻڌايا ويا. ذريعن موجب کانپوءِ وڏي وزير مراد علي  شاهه، اين سي او سي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر جي نويڪلائي ۾ ملاقات به ، ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ تعليمي ادارا وڌيڪ ڏهه ڏينهن بند رهندا، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي ختم ڪري سموريون بازارون کوليون وينديون ۽ اين سي او سي جي اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تحت بازارون صبح جو 6 هين وڳين کان رات جو 8وڳي تائين کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه اسد عمر سان نويڪلائي ۾ ٿيل ملاقات دوران اسد عمر وزيراعظم عمران خان ۽ وڏي وزير سان فون تي رابطو ڪرايو، وزيراعظم عمران خان سان وڏي وزير مراد علي شاهه سان فون تي ٿيل رابطي دوران سنڌ ۾ سياسي ماحول کي الزام تراشيون ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ، سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۽ ڪرونا صورتحال دوران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي فيصلن ۾ اختلاف نه هجڻ وارن معاملن تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.

اينٽي  ڪرپشن جي فيلڊ آفيسرز لاءِ قانوني معاملن بابت تربيتي پروگرام

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *