Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي 17 جون تائين عمل ڪيو: واٽر ڪميشن جي سنڌ سرڪار کي هدايت

Justice Mohammad Iqbal Kalhoro

سنڌ ۾ پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي واٽر ڪميشن سنڌ سرڪار کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته، پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي 17 جون تائين عمل ڪيو وڃي.

سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ جڙيل ڪميشن وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪري 17 جون تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هاڻي رڳو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد گهرجي. جيڪڏهن عمل نه ڪيو ويو ته ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهوڪي ڪارروائي دوران وفاقي سيڪريٽري شعيب صديقي، ٽاسڪ فورس جو سربراهه ۽ آبپاشي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد، صحت کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو، واٽر بورڊ جو ايم ڊي ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ان موقعي تي واٽر بورڊ جي ايم ڊي ڪراچي ۾ پاڻي جون لائينون تبديل ڪرڻ ۽ واٽر ٽينڪر سروس بابت پڇيل سوالن جا جواب لکت ۾ پيش ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ اسان ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ هڪ-هڪ واٽر هائڊرنٽس قائم ڪري ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيا آهن. هن چيو ته 24 اپريل تي رينجرز سان گڏجي واٽر بورڊ پاران واٽر ٽينڪرز جي مالڪن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ واٽر ٽينڪرز جا اگهه طئي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٺيڪيدار عام صارفين کان هڪ هزار گيلن واري ٽينڪر جا هڪ هزار رپيا، 2 هزار گيلن جا 13 سئو رپيا، 3 هزار گيلن جا 17 سئو رپيا ۽ 5 هزار گيلن جا 28 سئو رپيا وصول ڪندا. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ٺيڪيدار وري ٽينڪر مالڪن کان 268 رپيا في ٽينڪر وصول ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واٽر بورڊ پاران ٺيڪيدار کي پاڻي جو بل پوليس، رينجرز ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۽ شخصيتن کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جي مقدار کي نظر ۾ رکي اماڻيو ويندو. هر هائڊرنٽس مان 40 سيڪڙو پاڻي عام ماڻهن کي ان اگهه تي فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي 60 سيڪڙو پاڻي ڪمرشل اگهه تي وڪرو ڪيو ويندو، واٽر بورڊ پاران رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پراڻيون لائينون وڏو مسئلو آهن. انهن کي تبديل جو منصوبو ٺاهي منظوري لاءِ صوبائي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي.

ان موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پيئڻ واري صاف پاڻي جي فراهمي توڙي گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ تفصلي رپورٽ جمع ڪرائڻ بابت مهلت طلب ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران ڄاڻايو ويو ته بجٽ جي تياري سبب معاملن ۾ دير ٿي آهي، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه چيو ته دستاويز گهڻا جمع ٿي ويا. هاڻي نتيجا گهرجن. ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي سيڪرِيٽري شعيب صديقي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته بجيٽ ۾ پاڻي جي وڏي منصوبي ڪي فور ۽ سيوريج لاءِ مناسب رقم رکي وئي آهي، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه چيو ته مخصوص وقت تائين مهلت ڏني ويندي، جنهن بعد ايڪشن ٿيندو. هن چيو ته واٽر بورڊ جي ليبارٽرين ۾ عملي جي حاضري بابت شڪايتون ملي رهيون آهن، جنهن تي واٽر بورڊ جي ايم ڊي چيو ته اهڙين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪميشن جي سربراهه چيو ته گوسڙو ملازمن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن. جيڪڏهن عملي جي تربيت نه ٿيندي ته شهرين کي صاف پاڻي ڪيئن ملي سگهندو؟ ان موقعي تي واٽر بورڊ جي چيف ڪيمسٽ چيو ته ليبارٽرين جو عملو نه ايندو آهي پر آخر ۾ سندن حاضري اچي ويندي آهي. ان موقعي تي بلڊرز ايسوسيئيشن (آباد) پاران ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن کي پاڻي جا ڪنيڪشن مهيا ڪرڻ تي پابندي خلاف ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪميشن پاران رڳو ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن تي اهڙِي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن سان معيشت جام ٿي وئي آهي. گهڻ ماڙ عمارتن سان پاڻي جو مسئلو پيدا نه ٿو ٿئي. گهڻ ماڙ عمارتن ۾ آر او پلانٽ به لڳايا پيا وڃن، جنهن تي درخواستگذار شهاب اوستو چيو ته اهڙي پابندي سپريم ڪورٽ پاران لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪميشن بلڊر ايسوسيئيشن جي درخواست ٻڌي نٿي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *