Thursday , March 28 2024

هاڻي سنڌ ۾ عوام کي سرڪاري رڪارڊ بابت معلومات ملي سگهندي: سنڌ اسيمبلي بل منظور ڪري ڇڏيو

public information1

عوام کي معلومات ۽ سرڪاري ڪاروهنوار کي شفاف بڻائڻ جو بل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو به سرڪاري آفيسر عوام کي معلومات نه ڏيندو ته ان تي سندس پگهار ما 10 سيڪڙو جي برابر ڏنڊ ڀرڻو پوندو. عوام کي معلومات ڏيڻ لاءِ ڪميشن قائم ڪري ان جون هر ضلعي ۾ آفيسون قائم ڪيون وينديون.

سنڌ اسيمبلي سرڪاري ادارن ۽ کاتن ۾ مختلف سرڪاري ڪمن بابت ڄاڻ تائين عوام کي رسائي ڏيڻ وارو ”سنڌ شفافيت ۽ معلومات حق“ بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ڪراچي اليڪٽرڪ بابت عوام جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي پاليسين تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن تي ٻڌل پارلياماني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ڪي اليڪٽرڪ بابت عوام جي شڪايتن جو جائزو وٺندي ۽ لوڊشيڊنگ سميت مختلف معاملن تي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائيندي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگيءَ کي جاچيندي.

public information2

ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽيءَ جي پارلياماني ليڊر ۽ سينيئر وزير نثار کهڙي اهڙي ڪاميٽي ٺاهڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. ڪاميٽيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي جاويد ناگوري، ساجد جوکيو، شاهينه شير علي، ايم ڪيو ايم جو سيف الدين خالد، نشاط ضياءَ قادري، پي ٽي آءِ جو خرم شير زمان، فنڪشنل ليگ جي شهريار مهر ۽ مسلم ليگ (ن) جي سورٺ ٿيٻو کي ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي سرڪاري ادارن ۽ کاتن ۾ مختلف سرڪاري ڪمن بابت ڄاڻ تائين عوام کي رسائي ڏيڻ وارو ”سنڌ شفافيت ۽ معلومات حق“ بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. اهڙو بل سينيئر وزير نثار کهڙي پيش ڪيو، جنهن جي ايم ڪيو ايم سميت ٻين جماعتن به حمايت ڪئي. ان تي ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته اهو بل هڪ تاريخي قدم آهي ڇو ته ان ذريعي عوام کي معلومات تائين رسائي ملندي جنهن سان بهتر حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي ۾ مدد ملندي.

public information3

هن چيو ته شفافيت ۽ معلومات جي رسائيءَ لاءِ اهو هڪ وڏو قدم آهي. سيد سردار احمد چيو ته تمام اهم قانون آهي ۽ هر شهريءَ کي حق آهي ته سرڪاري اداري بابت معلومات حاصل ڪري سگهي. پي ٽي آءِ جي ثمر علي خان چيو ته بل تمام بهترين آهي جنهن تي حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا،  بل تحت عوام کي ڪنهن به سرڪاري اداري يا کاتي بابت ڪابه ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو ۽ اُن لاءِ سنڌ حڪومت آفيسر مقرر ڪندي جن کي شهري درخواست ڏئي ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا. اهڙي طرح سنڌ حڪومت سنڌ انفارميشن ڪميشن قائم ڪندي جنهن جون آفيسون ضلعي سطح تي به قائم ڪيون وينديون ۽ اُها ڪميشن انهن معاملن کي ڏسندي. اُن ڪميشن جو سربراهه چيف انفارميشن ڪمشنر کي مقرر ڪيو ويندو، جيڪو 20هين گريڊ جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيل ڪامورو هوندو، ان کانسواءِ ڪميشن جا 2 ٻيا ميمبر مقرر ڪيا ويندا جيڪي ڪمشنر طور سڃاتا ويندا، جن مان هڪ هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جو ايڊووڪيٽ هوندو ۽ ٻيو ميمبر سول سوسائٽيءَ مان 15 سالن تائين تجربو رکندڙ ماڻهو هوندو.

public information4

بل ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪو به ماڻهو عوام کي ڄاڻ نه ڏيندو يا ان قانون تي عمل نه ڪندو ته ان تي ان جي بنيادي پگهار جي 10 سيڪڙو پئسن جي برابر ڏنڊ وڌو ويندو ۽ جيڪو ماڻهو اُن قانون تحت ڄاڻ حاصل ڪرڻ کانپوءِ اُن جو غلط استعمال ڪندو ته اُن شخص کي 3 مهينن تائين قيد جي سزا ۽ هڪ لک رپين تائين ڏنڊ جي سزا ملي سگهندي. بل جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري ادارن ۽ ڪم ڪار کي شفاف ڪرڻ لاءِ عوام کي ڄاڻ تائين رسائي ڏيڻ لاءِ ۽ ڄاڻ تائين رسائي جمهوريت جو بنيادي اصول آهي جيڪا حڪومتن ۽ سرڪاري ادارن کي عوام آڏو جوابداه ڪري ٿو ۽ حڪمرانيءَ جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد به ڏيندو ۽ هر شهريءَ کي سرڪاري معاملن تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو حق آهي. بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين قومي سلامتيءَ جي حساس معاملن تي ڄاڻ فراهم نه ٿي سگهندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *