Thursday , April 18 2024

سنڌ ۾ سڀ ” ڪجهه ٺيڪ آهي “ جي دعويٰ نه ٿو ڪيان،ڪرپٽ حڪومت مڙهيندڙن کي ناڪامي ٿيندي – بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد(سنڌسماءَچار نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، ” سنڌ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي واري دعويٰ نه ٿو ڪيان، ڪم ٿين پيا پر اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي“. جيڪي ڌريون پاڪستان تي اناڙي ۽ ڪرپٽ حڪومت مڙهڻ چاهين ٿا انهن کي ناڪامي نصيب ٿيندي. ملڪ جو سياسي منظرنامو عوام جي سامهون آهي، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ذاتي مفادن جي سياست ڪن ٿا ۽ لساني ۽ انتهاپسندي مڙهڻ چاهين ٿا.

حيدر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، سياست ڪوڙ ۽ گارين جو نالو ناهي، آئون نظرياتي سياست تي يقين رکان ٿو، جيڪي ڪرپشن کي نعري طور استعمال ڪن پيا، اهي سمجهن ٿا ته ڪرپشن ئي سڀني مسئلن جو حل آهي پر جيستائين لٽمار ۽ استحصالي نظام قائم آهي. جيستائين غريب هاري ظلم ۽ استحصالي نظام جو شڪار ٿيندو رهندو، تيستائين اهو ناسور ختم نه ٿيندو، اسان جي جدوجهد استحصالي نظام خلاف جاري آهي ۽ رهندي. استحصالي نظام جيڪو(ن) ليگ جي حڪومت قائم ڪري رکيو آهي، ان ۾ غريب ماڻهو غريب ٿيندو پيو وڃي، امير ماڻهو وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي. ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، ملون ۽ ڪارخانه بند ٿي رهيا آهن، نوڪري پيشا طبقو پنهنجي سفيد پوشي بچائڻ لاءِ پريشان آهي، غريب ماڻهو به مهانگائي سبب پريشان آهن. بلاول ڀٽو زرداري نون ليگ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيدي چيو ته، ن ليگ حڪومت سنڌ کان سپرهاءِ وي کسي موٽر وي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پر اهو موٽروي اڃا تائين ٺهي نه سگهيو آهي، موٽروي ٺهڻ کان اڳ ئي سوين انساني جانيون کسي ورتيون آهن. موٽروي هن وقت ئي ٽٽڻ شروع ٿي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارسا ربيع جي سيزن لاءِ 20 کان 30 سيڪڙو پاڻي گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو سنڌ کي نقصان ٿيندو، ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ضرور آهي پر ارسا پاران پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ٿي رهي آهي، جنهن سان سنڌ متاثر ٿئي ٿي، هن چيو ته سنڌ پڇڙي ۾ آهي، ان ڪري پاڻي تي پهريون حق به سنڌ جو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ڪري سنڌ کي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت پاڻي جي بچت وارن منصوبن تي به ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته ميان صاحب 4 دفعا سنڌ آيو ۽ اربين روپين جو اعلان ڪري ويو پر اهي اربين روپيا ڪيڏانهن ويا، انهن جي خبر ناهي. هن چيو ته نواز شريف هڪ دفعو ته منهنجي سامهون ٿر جي خوشحالي لاءِ 2 ارب رپين جو اعلان ڪيو،ا ها رقم ڪيڏانهن وئي، ڪا خبر ناهي. هاڻي نئين وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ايم ڪيو ايم کان پنهنجو ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 30 ارب روپين جو اعلان ڪيو ۽ نيو جتوئي ۾ به اربين روپين جو اعلان ڪيو. جتوئي صاحبان ۽ ايم ڪيو ايم وارا هٿ مٿي ڪريو ويٺا آهن پر انهن کي خبر ناهي ته کين ملڻو ڪجهه به ناهي، ڇو ته نواز حڪومت جا رڳو اعلان ئي هوندا آهن، هن چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان سنڌ اچي چون ٿا ته سنڌ کنڊر بڻجي وئي آهي پر ميان صاحب ۽ خان صاحب سنڌ کنڊر نه پر توهان جي سياست کنڊر بڻجي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ شاهه لطيف، سچل سرمت، سامي، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ قلندر رحه جي ڌرتي آهي، اها ڪڏهن به کنڊر نٿي بڻجي سگهي، هن چيو ته آئون اها دعويٰ نٿو ڪيان ته هتي سڀ ٺيڪ آهي پر ترقياتي ڪم ٿيا آهن، اڃا وڌيڪ ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي، جهڙي ريت حيدرآباد ۾ ڪم ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح سان سڄي سنڌ ۾ ڪم ٿين پيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *