Saturday , April 20 2024

سنڌ ۾ سياست ڪندڙ پيرن ڏانهن! اصغر آزاد

(پيري مريدي ۽ عقيدتمندي هرڪنهن جو ذاتي عمل آهي، مريد هجڻ به هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي، جنهن سان به رکي، سياست ڪندو ته برداشت ڪرڻو پوندس)

سنڌ سميت هن خطي ۾ ورهاڱي کان اڳ خاص طور تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ووٽن کي ورهائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا ويا؛ انهن ۾ هڪ پاڪيٽ پيري مريدي وارو به هو. ان ۾ کوڙ سارين اهڙين پيراڻين گادين کي به ملڪي سياست ۾ (اسٽبلشمينٽ جي پاڪيٽ طور) باقائدگي سان انجنيئرنگ ڪري ٽنڀيو ويو.  ان پيري مريدي جي سياست ۾ ووٽ ته ٻڌو ڏنو ويو پر انهن تي ڳالهائڻ کي به جهڙوڪر شجر ممنوع بڻايو ويو. انهن پيرن جي سياسي ڪردار تي ڳالهائڻ مطلب موت کي دعوت ڏيڻ برابر آهي، ان کي ڪير به چئلينج نه ٿو ڪري ڄڻ ته يو اين اي او ۾ آمريڪا سامراج ويٽو جو ڏنڊو کنيو بيٺو هجي پر آمرفيڪا جو ويٽو به ووٽ ذريعي ڌوڙ ٿي ٿو وڃي…ووٽ ۾ اها طاقت آهي.

بحرحال، اچئون ٿا ساڳئي موضوع طرف؛ سنڌ ۾ خاص طور تي خيرپور، سانگهڙ، ميرپور خاص، ٿرپارڪر، ٽنڊو الهيار۾ پيري مريدي جو اثر ووٽن جي سياست تي به آهي. جيڪو آهستي آهستي ووٽن جي سياست ۾ رت جيان ملايو ويو آهي. ان سان هڪ ته سياست ڌڻين کي پنهنجي پنهنجي مفاد ۾ اسيمبلي ميمبرن کي اقتداي جوڙجڪ ۾ جنهن ڏانهن اشارو ڪرڻو هوندو اُهي اوڏانهن هليا ويندا. پيري مريدي واري چڪر ۾ ڪنهن حد تائين درياهه جي اولاهين ڪناري وار پاسو رهيل هو جتي به ڌڻين پاران گذريل 40 سالن جي محنت رنگ لاتو آهي.

جيڪي به پيري مريدي وارا سياستدان آهن، اُهي جڏهن مريدن جي ووٽن/اڪثريتي تي چونڊجي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا ته پوءِ اُهي هر ڪم ڪار کان آجا ٿي وڃن ٿا، انهن کان ڪنهن به ڪقسم جو سوال ڪرڻ شجرِ ممنوع بڻجي وڃي ٿو. اهي ڪنهن وزارت ۽ صلاحڪاري ۾ هجن ته انهن جي ان کاتي يا وزارت بابت سوال ڪرڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير اچڻ کان گهٽ نه ٿو هجي. سندن مريد جي ڪي انڌي عقيدي ۾ هجن ٿا انهن کي سمجهائڻ به ناهن چاهيندا، اهي مخالف يا سوال ڪندڙ سان جنهن انداز ۾ پيش اچن ٿا، ان جي ڏهين حصي جيترو جيڪڏهن سندن پير لاءِ ڳالهائجي ته ڪافر ۽ دهريي جي فتويٰ بعد موت جو پروانو جاري ٿيڻ معمولي ڳالهه هوندي. اهڙي سماج ۾ جڏهن ڪو ماڻهو بنا ڪنهن سياسي فرق ۽ ذاتي مفاد جي مثبت انداز ۾ سوچيندو ته ان سان ائين ئي ٿيندو.

سڄي سنڌ ۾ خيرپور (ميرس) اهڙو ضلعو آهي، جتي 7 تعلقن مان لڳ ڀڳ 4 تعلقا مڪمل طور تي ٻن گادين وٽ جهڙوڪ يرغمال بڻيل آهن. هڪ راڻيپور وارا پير ۽ ٻيو پيرپاڳارو جي مريدن وٽ. ٻنهي گادين جا فرد سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ايم پي اي ۽ ايم اين آهن. صدرالدين شاهه ۽ پير فضل شاهه اسيمبلين ۾ موجود آهن. فضل شاهه لاءِ ته مشهور آهي ته، سنڌ اسيمبلي ۾ چپ جو روزو رکي ايندو آهي. صدر الدين شاهه لاءِ مشهور آهي ته، سندس سمورو ڪار وهنوار مجيد آرائين ۽ خادم آرادين نالي سندس خاص ماڻهو هلائيندا آهن.

هاڻي جيڪڏهن اسان انهن  ٻنهي گادين سان لاڳاپيل اسيمبلي ميمبرن (صدرالدين شاهه وفاقي وزير به آهي) کان سوال پڇون ٿا ته ان ۾ اربع خطا ڪهڙي آهي. فضل شاهه پنهنجي سڄي ٽينيوئر ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو هيو گمبٽ اسپتال جو نالو تبديل ڪرائڻ، جنهن کي عوامي سطح تي رد ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي سمورن پيرن (جيڪي سياست ۾ سڌا سوان موجود آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي پنهنجين پرچين ۽ خطن ذريعي من پسند سياستدانن کي ووٽ ڏياريندا آهن) کي هن مختصر مضمون ذريعي ايترو چوڻ چاهيون ٿا ته، پنهنجي مريدن/ووٽرز کي ايترو سمجهايو ته، سياست ۾ سوال ٿيندا آهن، مخالفت ٿيندي آهي، ان وقت پيري مريدي جو ڪو به بنياد ناهي هوندو ، انڪري جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ائين ڪري ٿو ته ان سان بداخلاقي سان پيشس نه اچو، انهن کي گارگند ۽ ڌمڪيون نه ڏيو. اخلاق جي دائري ۾ رهندي انهن کي جواب ڏيو جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪري سگهو ته خاموش رهيو….

مونکي (ليکڪ) خبر آهي ته منهنجي هن مضمون جو مقصد ۽ مفهوم سمجهڻ  بنا 95 سيڪڙو ساڳيا ماڻهو اڃا وڌيڪ ڪاوڙبا، پر اها انهن جي سوچ ۽ سمجهه آهي، جنهن سان منهنجو واسطو ناهي. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو ماضي ۾ روا رکيل رويي جهڙو انداز جاري رکيو ته، ان جا/جو ذميوار شخص ۽ سندس لاڳاپيل پارٽي جي لاڳاپيل عوامي نمائندي يا مقامي اڳواڻ ئي هوندا.

آءَ هتي هڪ ٻي ڳالهه به واضع ڪندو هلان ته آءُ جيڪو ڪجهه به لکندو آهيان، پوءِ اهو سوشل ميڊيا تي ڪنهن اسٽيٽس جي صورت ۾ هجي، ڪنهن ٻئي جي اسٽيٽس تي ڪمينٽس جي صورت ۾ هجي يا وري پنهنجي نيوز ويب سائيٽ تي خبرن جي صورت ۾ هجي؛ ان سڄي جو ذميوار مان ۽ صرف مان پنهنجي سر آهيان. ان سڄي عمل جو سزا وار به مان ئي هوندس، ان ۾ منهنجي ڪنهن به مٽ مائٽ، عزير ۽ ڪنهن دوست کي تِر برابر به تڪليف يا پريشان ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ائين ٿيو ته مان پاڻ سان ٿيل زيادتي يا ڪنهن انتقامي ڪارروائي جو جواب ڏيا يا نه پر اوهان کي منهنجي ڪنهن دوست ۽ عزيز خلاف کنيل قدم جو حساب ضرور ڏيڻو پوندو

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *