Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ سومر کان لاڪ ڊائون ختم، تعليمي ادارا وڌيڪ 10 ڏينهن بند

ڪرونا مريضن جي فوتگين جو سڀ کان وڌيڪ تناسب ڪراچي ۾ آهي،ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن جو67 سيڪڙو ڪراچي، لاهور،اسلام آباد ۽ حيدآباد ۾ هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪرونا جي روڪٿام لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون سومر کان ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، تعليمي ادارا وڌيڪ 10 ڏينهن بند رهندا، بازارون به رات 8 وڳي تائين کليل رهنديون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ميزباني هيٺ اين سي او سي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير ۽ اين سي او سي سربراهه اسد عمر، ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان، وزيراعظم جي سي پيڪ اسپيشل اسسٽنٽ خالد منصور، ميجر جنرل محمود، صحت جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن سميت لاڳاپيل اختيارين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي ڊيلٽا ويرئينٽ تيزي سان وڌي رهيو آهي، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي شهر ۽ ٻئي نمبر تي حيدرآباد ڊيلٽا ويرئينٽ جا مريض موجود آهن ۽ انهن ۾ ڏينهنون ڏينهن اضافو به ٿي رهيو آهي. وڏي وزير اجالس کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته ڪرونا جي تيزي سانن وڌندڙ ڪيسن جي روڪٿام لاءِ 31هين جولاءِ  کان 8 آگسٽ تائين جزوي لاڪ ڊائون لڳايو، جنهن سان صورتحال ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي پر ڪرونا جي ڀارتي ڊيلٽا ويريئينٽ جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن.

صحت کاتي جي اختيارين اجلاسا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسان چوٿين لهر جي ڇهين هفتي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، هاڻي چوٿين لهر ڪجهه گهٽجڻ شروع ٿي آهي. اين سي او سي جي عملدارن پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرونا ڪيسن جو ڪراچي ۾ تناسب21 سيڪڙو آهي، جن ۾ صرف ٽَي سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ملڪ جي ڪرونا ڪيسز جو مجموعي تناسب ڪراچي،67سيڪڙو ڪراچي، اسلام آباد، پشاور، راولپنڊي ۽ حيدرآباد ۾ آهي. ملڪ ۾ ڪرونا مريضن جي فوتگين جو تناسب به ڪراچي ۾ وڌيڪ آهن.

اين سي او سي جي اجلاس کانپوءِ وڏي وزير مراد علي  شاهه، اين سي او سي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر جي نويڪلائي ۾ ملاقات به ، ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ تعليمي ادارا وڌيڪ ڏهه ڏينهن بند رهندا، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي ختم ڪري سموريون بازارون کوليون وينديون ۽ اين سي او سي جي اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تحت بازارون صبح جو 6 هين وڳين کان رات جو 8وڳي تائين کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه اسد عمر سان نويڪلائي ۾ ٿيل ملاقات دوران اسد عمر وزيراعظم عمران خان ۽ وڏي وزير سان فون تي رابطو ڪرايو، وزيراعظم عمران خان سان وڏي وزير مراد علي شاهه سان فون تي ٿيل رابطي دوران سنڌ ۾ سياسي ماحول کي الزام تراشيون ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ، سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۽ ڪرونا صورتحال دوران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي فيصلن ۾ اختلاف نه هجڻ وارن معاملن تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.

اينٽي  ڪرپشن جي فيلڊ آفيسرز لاءِ قانوني معاملن بابت تربيتي پروگرام

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *