Friday , March 29 2024

سنڌ ۾ رهندڙ پرڏيهين کي قانوني حيثيت ڏيارڻ جي ڪوششن خلاف 19 نومبر تي سڄي سنڌ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا: جلال محمود شاهه

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار نيوز) ايس يو پي جي ميزباني هيٺ حيدر منزل تي ٿيل اي پي سي ۾  غير ملڪي آبادي کي قانوني حيثيت ڏيڻ کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏنو ويو، جلال محمود شاهه چيو آهي ته ڌارين  جي آبادي ۽ کين قانوني حيثيت ڏيڻ خلاف 19 نومبر تي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. حيدر منزل ڪراچي ۾ ايس يو پي جي ميزباني هيٺ ٿيل اي پي سي ۾ نياز ڪالاڻي، مير عالم مري، گل حسن ڪلمتي، رسول بخش خاصخيلي، مظهر راهوجو، فتاح چنا، مشتاق ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به غير ملڪي آبادي کي قانوني حيثيت ڏيڻ سنڌ خلاف سازش هوندي، اهڙين سازشن خلاف سنڌ جون سموريون قومپرست پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي متحد هونديون.

اي پي سي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي جلال محمود شاهه چيو ته ڌاري آبادي کي قومي سڃاڻپ ڏيڻ بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري، سنڌ جي گورنر محمد زبير ۽ ٻين سياسي پارٽين جي بيانن جي مذمت ڪريون ٿا. جلال محمود شاهه چيو ته وفاق ۾ شامل سنڌ کي پنهنجي ڊيموگرافي جي تحفظ جو آئيني حق حاصل آهي، اهڙي قسم جي ڪنهن  به ٺهراءُ کي رد ڪريون ٿا. جلال محمود شاهه چيو  ته ڌارين  جي آبادي ۽ کين قانوني حيثيت ڏيڻ خلاف 19 نومبر تي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *